Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:11 - Sindhi Bible

11 ڀلي تہ بيابان ۽ ان جا شهر، ۽ قيدار جا آباد ڪيل ڳوٺ پنهنجو آواز مٿي ڪن؛ ڀلي تہ سلع جا رهاڪو ڳائين، ۽ جبلن جي چوٽيءَ تان وڏي سڏ پڪارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اي بيابان ۾ ۽ انهيءَ جي ڳوٺن ۾ رهڻ وارؤ! بلند آواز سان سندس واکاڻ ڪريو. اي قيدار قبيلي وارؤ! اي سلع شهر جا رهاڪؤ! اوهين گيت ڳايو ۽ جبلن جي چوٽين تان خوشيءَ جا نعرا هڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي.


مون تي افسوس جو آءٌ مسڪ ۾ ٿو گذاريان، ۽ قيدار جي تنبن ۾ ٿو رهان.


خداوند جي تعريف ڳايو؛ ڇالاءِ جو هن تمام عمدا ڪم ڪيا آهن: ڀلي تہ اها ڳالهہ ساري زمين تي مشهور ٿئي.


سلع، جو بيابان جي پاسي آهي، تنهن کان وٺي صيون جي ڌيءَ جي جبل تائين اوهين انهيءَ زمين جي حاڪم لاءِ گهيٽا موڪليو.


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي تہ هڪ سال اندر، مزورن جي سالن جي موجب، قيدار جي سڀ وڏائي گم ٿي ويندي:


تڏهن عدالت بيابان ۾ رهندي، ۽ راستبازي آباد ٻنيءَ ۾ وسندي.


بيابان ۽ ويران پٽ سرهو ٿيندو؛ ۽ رڻ پٽ خوشي ڪندو، ۽ گلاب وانگي گل ڪندو.


تڏهن منڊو ماڻهو هرڻ وانگي ٽپندو، ۽ گونگي جي زبان ڳائڻ لڳندي: ڇالاءِ جو بيابان ۾ پاڻي، ۽ رڻ پٽ ۾ چشما ڦاٽي نڪرندا.


هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز آهي، تہ اوهين بيابان ۾ خداوند جو رستو تيار ڪريو.


ڏسو، آءٌ هڪڙو نئون ڪم ڪندس؛ اهو هينئر ظاهر ٿيندو ڇا؛ اوهين انهي کان ناواقف رهندا؟ بلڪ آءٌ بيابان ۾ رستو ٺاهيندس، ۽ رڻ پٽ ۾ نديون وهائيندس.


انهيءَ جا قدم جبل تي ڪهڙا نہ مبارڪ آهن، جيڪو خوشخبري ٿو آڻي، ۽ جيڪو سلامتيءَ جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو ڀلائيءَ جي خوشخبري ۽ نجات جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو صيون کي چوي ٿو تہ تنهنجو خدا بادشاهي ٿو ڪري.


قيدار جا سڀ ڌڻ تو وٽ گڏ ٿيندا، ۽ نبايوت جا گهٽا تنهنجي خدمت ڪندا: اهي منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پوندا، ۽ آءٌ پنهنجي جلال جي گهر کي وڌيڪ جلالي ڪندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟


اي موآب جا رهاڪو، شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪر ۾ رهو؛ ۽ انهي ڪبوتر جهڙا ٿيو جو غار جي منهن جي پاسن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو.


باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ اُٿو، انهي قوم ڏي چڙهي وڃو جا آرام ۾ آهي، ۽ بي فڪر رهندي اچي؛ جنهن کي نہ دروازا آهن نہ گز، ۽ جي اڪيلا ٿا رهن.


عرب ۽ قيدار جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا؛ رڍن ۽ گهيٽن ۽ ٻڪرين ۾ هو تنهنجا سوداگر هوندا هئا.


تون جو ٽڪرن جي چرن ۾ رهين ٿو، جنهن جي رهڻ جو مڪان مٿانهون آهي، توکي تنهنجي دل جي مغروريءَ ٺڳيو آهي، جو پنهنجي دل ۾ چوين ٿو تہ ڪير مون کي زمين تي ڪيرائي وجهندو؟


ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ