Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 42:10 - Sindhi Bible

10 اوهين جي سمنڊ ڏانهن لهي ٿا وڃو ۽ جيڪي منجهس آهيو، اي ٻيٽ ۽ انهي جا رهاڪو، خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو، ۽ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سندس تعريف ڳايو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اي سڄيءَ دنيا وارؤ! خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو. هائو، سندس واکاڻ ڳايو. اي سامونڊي جهازرانؤ! اي سامونڊي مخلوق! اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! اوهين سڀ سندس واکاڻ ڳايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 42:10
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو شور گوڙ ڪري؛ ڀلي تہ ٻني ۽ جيڪي منجهس آهي سي خوشي ڪن؛


ڀلي تہ سڀڪو ساهہ وارو خداوند جي تعريف ڪري. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


انهيءَ لاءِ نئون گيت ڳايو؛ وڏو آواز ڪڍي اُستاديءَ سان وڄايو.


هن منهنجي وات ۾ اسان جي خدا جي تعريف جو هڪڙو نئون گيت وڌو آهي؛ اهو ڏسي گهڻا ئي ڊڄندا، ۽ خداوند تي ڀروسو رکندا.


اي اسان جي نجات جا خدا، تون زمين جي سڀني حدن جو، ۽ جيڪي پري سمنڊ تي آهن تن جو آسرو آهين: تون اسان کي خوفناڪ ڳالهيون ڏيکاري سچائيءَ سان جواب ٿو ڏين.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ سوغاتون آڻيندا؛ ۽ صبا ۽ شيبا جا بادشاهہ نذرانا پيش ڪندا.


ڀلي تہ آسمان خوشي ڪن، ۽ زمين سرهي ٿئي، ڀلي تہ سمنڊ ۽ سندس معموري گوڙ شور ڪن.


خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ زمين خوشي ڪري؛ ۽ ڀلي تہ بيشمار ٻيٽ سرها ٿين.


تڏهن موسيٰ ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ چيائون تہ: آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن وڏي جلال سان پاڻ کي ظاهر ڪيو؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سوڌو سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.


ڇالاءِ جو ڇهن ڏينهن ۾ خداوند آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو سڀڪي، جو انهن ۾ آهي، سو جوڙيو ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيائين؛ انهيءَ ڪري خداوند سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


خداوند جي تعريف ڳايو؛ ڇالاءِ جو هن تمام عمدا ڪم ڪيا آهن: ڀلي تہ اها ڳالهہ ساري زمين تي مشهور ٿئي.


جيسين ڪ هو زمين تي عدالت قائم نہ ڪندو، تيسين هو نڪي ٿڪبو، نڪي بي همت ٿيندو؛ ۽ ٻيٽ هن جي شريعت جو انتظار ڪندا.


اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.


اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي.


اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.


هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين.


منهنجي راستبازي ويجهي آهي، منهنجي نجات ظاهر ٿي آهي، ۽ منهنجون ٻانهون قومن جي عدالت ڪنديون؛ ٻيٽ منهنجا منتظر رهندا، ۽ منهنجي ٻانهن تي ڀروسو رکندا.


اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا.


يقين آهي تہ ٻيٽ مون لاءِ منتظر ٿيندا، ۽ ترسيس جا جهاز پهرين تنهنجن پٽن کي سندس سون ۽ روپي سميت، خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ، ۽ اسرائيل جي قدوس لاءِ، پري کان آڻيندا، ڇالاءِ جو هن توکي جلال بخشيو آهي.


ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي.


ڏسو، منهنجا بندا دل جي خوشيءَ ڪري ڳالهائيندا، پر اوهين دل جي ڏک ڪري دانهون ڪندا، ۽ روح جي رنج ڪري واويلا مچائيندا.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


۽ اُنهن تخت جي اڳيان، ۽ چئن جاندارن ۽ بزرگن جي اڳيان، هڪڙو نئون راڳ پئي ڳايو. ۽ اُهي هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزار ماڻهو، جي دنيا مان خريد ڪيا ويا هئا، تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو اُهو راڳ سکي نہ سگهيو.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ