Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:9 - Sindhi Bible

9 مون توکي زمين جي سرحدن مان هٿ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي ڪنڊن مان سڏيو اٿم، مون توکي چيو آهي تہ تون منهنجو بندو آهين، مون توکي چونڊيو آهي ۽ توکي رد ڪونہ ڪيو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 مون اوهان کي ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هٿ ڪري آندو. هائو، مون اوهان کي دنيا جي ڏورانهن ڪنارن کان گھرايو، ۽ چيم تہ اوهين منهنجا ٻانها آهيو. مون اوهان کي پسند ڪيو آهي ۽ وساريو نہ اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي پنهنجي واسطي، ۽ اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي اُمت کي ڪڍي ڪين ڇڏيندو، نڪي پنهنجي ميراث کي ڇڏي ڏيندو.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


ڪنهن اُڀرندي کان هڪڙي کي کڙو ڪيو آهي، جنهن کي هن راستبازيءَ سان پنهنجن قدمن ۾ سڏيو آهي؟ هو قومن کي هن جي حوالي ٿو ڪري، ۽ هن کي بادشاهن جي مٿان حاڪم ٿو ڪري: هو انهن کي مٽيءَ وانگي هن جي ترار جي، ۽ بهہ وانگي هن جي ڪمان جي حوالي ٿو ڪري.


پر اي منهنجا بندا اسرائيل! اي منهنجا چونڊيل يعقوب! تون منهنجي دوست ابرهام جي نسل مان آهين.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


انهي هوندي بہ اي منهنجا بندا يعقوب؛ اي منهنجا چونڊيل اسرائيل، هاڻي ٻڌ:


مون پنهنجي بندي يعقوب، ۽ پنهنجي چونڊيل اسرائيل جي خاطر توکي تنهنجو نالو وٺي سڏيو آهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ مون توکي لقب ڏنو آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان سان محبت رکي، پر تڏهن بہ اوهين ٿا چئو تہ تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت رکي آهي؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ عيسو يعقوب جو ڀاءُ نہ هو ڇا؟ تہ بہ مون يعقوب سان محبت رکي؛


۽ اُهي اُڀرندي ۽ اُلهندي، ۽ اُتر ۽ ڏکڻ کان ايندا، ۽ اچي خدا جي بادشاهت ۾ ويهندا.


ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ اُمت آهين، ۽ خداوند زمين جي سڀني قومن مان توکي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


منهنجا پيارا ڀائرو ٻُڌو، خدا هن جهان جي غريبن کي ايمان ۾ ڀرپور ۽ انهي بادشاهت جو وارث ٿيڻ لاءِ پسند نہ ڪيو آهي ڇا، جنهن جو واعدو هن پنهنجي محبت ڪندڙن سان ڪيو آهي؟


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


۽ خداوند پنهنجي وڏي نالي جي سببان، پنهنجي قوم کي ڪين ڇڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند جي مرضي اها آهي تہ اوهان کي پنهنجي قوم ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ