Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:5 - Sindhi Bible

5 ٻيٽن ڏٺو ۽ اهي ڊنا؛ ۽ زمين جون سرحدون ڏڪي ويون: اهي ويجها آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ڏورانهن ملڪن جا ماڻهو اهو سڀ ڏسي ڊڄي وڃن ٿا. هائو، ڌرتيءَ جي ڇيڙن وارا خوف وچان ڏڪن ٿا، ۽ گڏجي عدالت ۾ اچن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قومن جا ٻيٽ انهن ئي جي اولاد ۾، سندن قبيلن ۽ ملڪن موجب ورهائجي ويا، جن مان هر هڪ جي ٻولي پنهنجي هئي.


زمين جي سرحدن جا رهاڪو تنهنجي معجزن کان ڊڄن ٿا: تون صبح ۽ شام جي نڪرڻ وارن هنڌن کي خوشي ٿو بخشين.


تون مهر جي نظر ڪري زمين کي ريج ٿو ڏين، تون انهي کي سائو ٿو ڪرين؛ خدا جي ندي پاڻيءَ سان ڀرپور آهي: تون اهڙيءَ طرح زمين کي تيار ڪري انهن کي ان ٿو پهچائين.


خدا کي چئو تہ تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ هيبتناڪ آهن! تنهنجي عظيم قدرت جي سبب تنهنجا دشمن تنهنجي تابع ٿيندا.


خدا اسان کي برڪت ڏيندو؛ ۽ زمين جي ڇيڙي تائين سڀيئي ماڻهو کانئس ڊڄندا.


قومن ٻڌو آهي ۽ ڏڪن ٿيون؛ فلستين کي خوف جي عذابن ورايو آهي.


اي ٻيٽ، منهنجي اڳيان ماٺ ڪريو؛ ڀلي تہ اُمتون نئين سر زور حاصل ڪن: ڀلي تہ ويجهو اچي ڳالهائين؛ اچو تہ اسين بہ عدالت جي لاءِ گڏجي ويجها ٿيون.


انهن مان هر ڪنهن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مدد ڪئي: ۽ هر ڪنهن پنهنجي ڀاءُ کي چيو تہ همت جهل.


هاڻي تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن ٻيٽ ڏڪي ويندا، هائو، جيڪي ٻيٽ سمنڊ ۾ آهن سي تنهنجي لڏڻ تي حيران پريشان ٿيندا.


ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح، جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو؛ ۽ امورين جا ٻہ بادشاهہ، سيحون ۽ عوج، جي يردن جي هن ڀر هئا، تن سان اوهان ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن انهن کي تباهہ ڪيو.


۽ هيئن ٿيو تہ امورين جا سڀ بادشاهہ جي يردن جي الهندي پاسي هئا، ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جي سمنڊ جي ڪناري سان هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند يردن جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪ هو پار لنگهي ويا، تڏهن هنن جي دل پگهرجي ويئي، ۽ بني اسرائيل جي ڊپ کان منجهن وڌيڪ همت ڪانہ رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ