Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:27 - Sindhi Bible

27 مون ئي پهرين صيون کي چيو تہ ڏس، هن کي ڏس: آءٌ ئي يروشلم کي هڪڙو خوشخبري ڏيندڙ موڪليندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 مون خداوند ئي سڀ کان پهريائين صيئون کي خوشخبري ڏني هئي. هائو، مون ئي يروشلم ڏانهن بشارت ڏيندڙ موڪليو هو تہ ’ڏسو، اوهان جا جلاوطن ٿيل موٽي وطن اچي رهيا آهن.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڙي تون جو صيون کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، مٿانهين جبل تي چڙهي وڃ؛ اڙي تون جو يروشلم کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، زور سان پنهنجو آواز بلند ڪر؛ اهو بلند ڪر، ڊڄ نہ، يهوداہ جي شهرن کي چئُہ تہ ڏسو اوهان جو خدا!


ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ منهنجو بندو جنهن کي مون چونڊيو آهي: انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻو ۽ مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجهو تہ آءٌ اهو آهيان: مون کان اڳي ڪوبہ خدا نہ ٿيو آهي، نڪي مون کان پوءِ ٿيڻو آهي.


جو خورس بابت چوي ٿو تہ هو منهنجو ڌنار آهي، ۽ منهنجي سموري مرضي پوري ڪندو: هو يروشلم جي بابت چوي ٿو تہ اهو وري اڏبو؛ ۽ هيڪل کي چوي ٿو تہ تنهنجو بنياد پوندو.


خداوند، اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ انهي جو نجات ڏيندڙ، لشڪرن جو خداوند، هيئن ٿو فرمائي: تہ آءٌ اول ۽ آخر آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي.


قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ خدا آهيان ۽ مون جهڙو ٻيو ڪونهي؛


اي يعقوب، اي اسرائيل جنهن کي مون سڏيو آهي، منهنجي ڳالهہ ٻڌ: آءٌ اُهو آهيان؛ آءٌ اول آهيان ۽ آءٌ آخر بہ آهيان.


مون قديم وقت کان وٺي اڳوڻيون ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن؛ هائو، اهي منهنجي وات مان نڪتيون ۽ مون اهي ظاهر ڪيون: مون اوچتو اهي ڪيون ۽ اهي پوريون ٿيون.


انهيءَ جا قدم جبل تي ڪهڙا نہ مبارڪ آهن، جيڪو خوشخبري ٿو آڻي، ۽ جيڪو سلامتيءَ جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو ڀلائيءَ جي خوشخبري ۽ نجات جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو صيون کي چوي ٿو تہ تنهنجو خدا بادشاهي ٿو ڪري.


ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.


۽ جيسين هو موڪليا نہ وڃن، تيسين ڪيئن منادي ڪندا؟ جيئن لکيل آهي تہ، ”جيڪي چڱين ڳالهين جي خوشخبري ٿا آڻين، تن جا قدم ڪهڙا نہ مبارڪ آهن!“


۽ سمرنہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جيڪو اول ۽ آخر آهي، ۽ جو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ