Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:26 - Sindhi Bible

26 ڪنهن شروع کان اهو ٻڌايو آهي تہ اسان کي انهي جي خبر پوي؟ ۽ ڪنهن وقت کان اڳي ظاهر ڪيو آهي تہ اسين چئون تہ اهو راستباز آهي؟ هائو ڪوبہ ڪونهي جو ٻڌائي، ڪوبہ ڪونهي جو ڏيکاري، هائو، ڪوبہ ڪونهي جو اوهان جون ڳالهيون ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 اي غير قومن جا معبودؤ! ڇا اوهان مان ڪنهن اڳڪٿي ڪري ٻڌايو آهي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ڇا اوهان مان ڪنهن اهڙي خبر ٻڌائي آهي، جو اسين اوهان کي سچو سمجھون؟ اوهان مان ڪنهن بہ اهڙي ڳالهہ نہ ٻڌائي آهي، نہ ئي ڪو اهڙو لفظ ئي ڳالهايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:26
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ اُهي آڻي ظاهر ڪن ۽ اسان کي ٻڌائين تہ ڇا ڇا ٿيڻ وارو آهي: جيڪي ڳالهيون اڳي ٿيون آهن سي اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهن تي غور ڪريون ۽ انهن جي پڇاڙي معلوم ڪريون؛ يا اسان کي ايندڙ وقت جون ڳالهيون ٻڌايو.


ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.


ڀلي تہ سڀ قومون گڏ ڪيون وڃن، ۽ اُمتون اچي گڏ ٿين: انهن مان ڪير اهو ٻڌائي سگهندو، ۽ اسان کي اڳوڻيون ڳالهيون ڏيکاري سگهندو: ڀلي تہ اهي پنهنجا شاهد آڻين، تہ اهي سچا ثابت ٿين: يا ڀلي تہ اهي ٻڌن، ۽ چون تہ اهو سچ آهي.


جنهن وقت کان مون قديم اُمت کي مقرر ڪيو، تنهن وقت کان ڪير مون وانگي سڏيندو، ۽ اُنهي جو بيان ڪري مون لاءِ ترتيب وار بيهاريندو؟ جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، ۽ جي هن کان پوءِ ٿينديون سي تہ ڀلا هو ظاهر ڪن.


اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهي کي ويجهو آڻيو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪن: ڪنهن قديم زماني کان اهو ڏيکاريو آهي؟ ڪنهن پراڻي وقت کان اهو ظاهر ڪري ٻڌايو؟ مون خداوند ائين نہ ڪيو آهي ڇا؟ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي؛ يعني عادل خدا ۽ نجات ڏيندڙ؛ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ خدا آهيان ۽ مون جهڙو ٻيو ڪونهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ