Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:20 - Sindhi Bible

20 تہ ڀلي اهي ڏسن، ۽ ڄاڻن، ۽ ويچار ڪن، ۽ گڏجي سمجهن تہ خداوند جي هٿ اهو ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جي قدوس انهي کي پيدا ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ ماڻهو اهي ڏسي ڄاڻي وٺندا، هائو، اهي سڀيئي ويچار ڪري سمجھي وٺندا تہ اهو سڀ مون خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي هٿن جي ڪاريگري آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن سڀني ۾ ڪير نٿو ڄاڻي تہ خداوند جي هٿ ائين ڪيو آهي؟


تہ انهن کي خبر پوي تہ اهو تنهنجو هٿ آهي؛ ۽ تو اي خداوند ائين ڪيو آهي.


آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو.


پر حقيقت ڪري مون توکي انهيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، تہ توکي پنهنجي قدرت ڏيکاريان، تہ منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿئي.


اهو بہ لشڪرن جي خداوند وٽان ٿو اچي، جو مصلحت ۾ عجيب، ۽ ڏاهپ ۾ عظيم آهي.


۽ جن جا روح گمراهہ ٿيا آهن تن کي سمجهہ ايندي، ۽ جيڪي ڪُرڪن ٿا، سي تعليم حاصل ڪندا.


۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي ماڻهو انهي کي گڏ ڏسندا: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.


آءٌ خداوند اوهان جو پاڪ خدا، اسرائيل جو خالق ۽ اوهان جو بادشاهہ آهيان.


اها اُمت جا مون پنهنجي لاءِ جوڙي، تہ اُهي منهنجي تعريف ڪن.


اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.


۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا.


۽ اوهين اهو ڏسندا ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، اوهان جا هڏا نازڪ گاهہ وانگي وڌندا: ۽ خداوند جو هٿ سندس بندن تي ظاهر ٿيندو، ۽ هو پنهنجن دشمنن تي ڏاڍو ڪاوڙبو.


ڇالاءِ جو آءٌ انهن جا ڪم ۽ انهن جا خيال ڄاڻان ٿو: اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ سڀني قومن ۽ ٻولين وارن کي گڏ ڪندس؛ اُهي سڀ ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسندا.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.


يقين آهي تہ يعقوب تي ڪو جادو ڪونہ هلندو، نڪي اسرائيل تي ڪنهن فال جو اثر ٿيندو: بلڪ يعقوب ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ هاڻي ائين چوڻ ۾ ايندو، تہ خدا ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا!


سو انهي ڏينهن ٿيندو، جڏهن هن جي اچڻ ڪري، سندس پاڪ ٿيلن ۾ سندس جلال ظاهر ٿيندو، ۽ جن ايمان آندو آهي، تن سڀني ۾ تعجب جو سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ