Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:19 - Sindhi Bible

19 آءٌ بيابان ۾ ديودار ۽ ٻٻر جا وڻ، ۽ ميندي ۽ زيتون جا وڻ لڳائيندس؛ آءٌ رڻ پٽ ۾ صنوبر جا وڻ، ديال ۽ سڌا سرو گڏي لڳائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 آءٌ بيابان ۾ ديال توڙي ٻٻر جا وڻ، ۽ مينديءَ توڙي زيتون جا وڻ لڳائيندس. آءٌ رڻ‌پٽ ۾ صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جا ٻيلا لڳائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:19
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب پاڙ هڻندو؛ ۽ اسرائيل ٻور جهليندو، ۽ گل ڪندو: اهي ساري دنيا ميون سان ڀري ڇڏيندا.


جيسين ڪ مٿان اسان تي روح نازل ٿئي، ۽ بيابان آباد ٻني ٿي پوي، ۽ آباد ٻني ٻيلي وانگر شمار ٿئي.


بيابان ۽ ويران پٽ سرهو ٿيندو؛ ۽ رڻ پٽ خوشي ڪندو، ۽ گلاب وانگي گل ڪندو.


ڏسو، آءٌ هڪڙو نئون ڪم ڪندس؛ اهو هينئر ظاهر ٿيندو ڇا؛ اوهين انهي کان ناواقف رهندا؟ بلڪ آءٌ بيابان ۾ رستو ٺاهيندس، ۽ رڻ پٽ ۾ نديون وهائيندس.


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.


ڪنڊيءَ جي بدران صنوبر جو وڻ ڄمندو، ۽ ڪنڊياريءَ جي بدران مر جو وڻ نڪرندو: ۽ اهو خداوند جي نالي لاءِ هميشہ جي نشانيءَ جي واسطي ٿيندو، جا ڪڏهن بہ ٽري نہ ويندي.


لبنان جو جلال، يعني صنوبر جا وڻ، ۽ ديال ۽ شمشاد جو ڪاٺ گڏجي تو وٽ ايندا، تہ منهنجي پاڪ مڪان کي سينگارين، آءٌ پنهنجيءَ قدمگاهہ کي جلالي ڪندس.


تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.


جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.


۽ نديءَ جي ڀرسان ان جي ڪناري تي ٻنهي پاسي هر قسم جا ميويدار وڻ اُڀرندا، جن جا پَن ڪين ڪومائبا، ۽ نہ انهن جو ميوو کٽندو: هر مهيني اُهي نئون ڦر ڪندا، ڇالاءِ جو انهي جا پاڻي پاڪ مڪان مان ٿا نڪرن: ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ايندو ۽ ان جا پن دوا جي ڪم ايندا.


افرائيم چوندو تہ اڳتي وري بُتن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ مون خداوند هن کي جواب ڏنو آهي، ۽ آءٌ مٿس نگاهہ ڪندس: آءٌ صنوبر جي سائي وڻ جهڙو آهيان؛ مون کان توکي پنهنجو ميوو حاصل ٿيندو.


۽ مون رات جو ڏٺو تہ هڪڙو ماڻهو ڳاڙهي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ بيٺو آهي، جي هيٺانهين زمين ۾ هئا، ۽ هن جي پٺيان ڳاڙها، ڪميت ۽ سفيد گهوڙا بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ