Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:18 - Sindhi Bible

18 آءٌ اُگهاڙين ٽڪرين تي نديون وهائيندس، ۽ وادين جي وچ ۾ چشما کوليندس: آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ ويران ٽڪرين تان نديون، ۽ ماٿرين مان چشما وهائيندس. آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون بڻائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:18
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو وادين ۾ چشما جاري ٿو ڪري؛ جي جبلن مان ٿا نڪرن:


هن ٽڪر کي چيريو ۽ پاڻي وهي آيو؛ ۽ سڪيءَ زمين ۾ نديءَ وانگي وهڻ لڳو.


هو بيابان کي ڦيرائي تلاءُ ٿو ڪري، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جا چشما ڪريو ڇڏي.


جهڙيءَ طرح ڏکڻ واريون نديون پاڻيءَ سان ڀرجي ٿيون اچن، تهڙيءَ طرح اي خداوند اسان جي قيدين کي موٽائي وٺي اچ.


هڪڙي ندي آهي، جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي خوش ٿيون ڪن يعني خدا تعاليٰ جي خيمن جي پاڪ هنڌ کي.


تنهن ڪري خوشيءَ سان اوهين نجات جي کوهن مان پاڻي ڪڍندا.


۽ وڏي قتلام جي ڏينهن، جڏهن ٺلهہ ڪري پوندا، تڏهن سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي پاڻيءَ جون نديون ۽ چشما وهندا.


هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو.


پر جلال وارو خداوند، وڏين ندين ۽ نهرن جي وچ ۾ پاڻ اتي موجود هوندو؛ جن ۾ نہ ڪا ڳنن واري ٻيڙي ويندي، نہ ڪو وڏو جهاز اُتان لنگهندو.


بيابان ۽ ويران پٽ سرهو ٿيندو؛ ۽ رڻ پٽ خوشي ڪندو، ۽ گلاب وانگي گل ڪندو.


ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.


جڏهن هو انهن کي رڻ پٽ مان وٺي ٿي ويو، تڏهن اهي اُڃيا ڪونہ ٿيا: هن انهن جي لاءِ ٽڪريءَ مان پاڻي وهايو: هن ٽڪريءَ کي چيريو ۽ پاڻي بُڙڪا ڏيئي نڪري آيو.


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، منهنجا بندا کائيندا، پر اوهين بکيا رهندا؛ ڏسو، منهنجا بندا پيئندا، پر اوهين اُڃيا رهندا: ڏسو، منهنجا بندا خوشيون ڪندا، پر اوهين شرمندا ٿيندا:


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.


۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ حيات جو چشمو وهندو، جنهن جو اڌ اُڀرندي جي سمنڊ ڏانهن ۽ اڌ اُلهندي جي سمنڊ ڏانهن وهندو: اُهو اونهاري ۽ سياري ۾ وهندو.


۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.


ڇالاءِ جو گهيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار ٿيندو، ۽ کين آبِ حيات جي چشمن تي وٺي ويندو: ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو.


پر خدا لحيءَ ۾ جيڪا کڏ هئي انهي کي چيريو، ۽ انهيءَ مان پاڻي نڪري آيو؛ ۽ جڏهن هو پي چڪو تڏهن سندس روح موٽي آيو، ۽ هن وري نئين سر ساهہ پٽيو: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو عين حقور رکيو ويو، جو اڄ تائين لحيءَ ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ