Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 41:17 - Sindhi Bible

17 غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جڏهن غريب ۽ محتاج ماڻهو پاڻي پيا ڳوليندا، پر پاڻي نہ ملڻ ڪري سندن زبانون اڃ سببان خشڪ ٿي ويون هونديون، تڏهن آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس. آءٌ بني اسرائيل جو خدا کين وساري نہ ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 41:17
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، آءٌ تو ساڻ آهيان، ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جيڪي توکي چيو اٿم، سو جيسين پورو نہ ڪريان، تيسين توکي ڇڏي ڪين ڏيندس.


۽ خداوند جو ڪلام هن وٽ آيو، جنهن چيس تہ


تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسرائيل جا خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو، سو ڀلي تہ سچو ٿئي.


منهنجي طاقت سڪو ٺڪر ٿي پيئي آهي؛ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان اچي لڳي آهي؛ ۽ تو مون کي موت جي مٽيءَ ۾ آڻي ويهاريو آهي.


غريب دانهون ڪيون، ۽ خداوند هن جي ٻڌي، ۽ کيس سڀني مصيبتن کان بچايائين.


آءٌ جوان هوس ۽ هاڻي ٻڍو ٿيو آهيان؛ پر تڏهن بہ راستباز کي بيوس، ۽ سندس اولاد کي ٽڪر پنندو ڪونہ ڏٺو اٿم.


منهنجي جان خدا لاءِ يعني زندہ خدا لاءِ اُڃايل آهي: آءٌ ڪڏهن وڃي خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندس.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


ائين نہ ٿئي تہ ڏکويل ڦڪا ٿي موٽي وڃن: ڀلي تہ غريب ۽ محتاج تنهنجي نالي جي تعريف ڪن.


ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي اُمت کي ڪڍي ڪين ڇڏيندو، نڪي پنهنجي ميراث کي ڇڏي ڏيندو.


۽ اتي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ حيران ٿيڻ لڳا، ۽ موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ تو اسان کي مصر مان انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا، تہ اسين، ۽ اسان جا ٻار، ۽ اسان جو چوپايو مال، اُڃ جي ڪري مرون؟


۽ ڏس، آءٌ اُتي حريب جي ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيهندس، ۽ تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻ تہ انهيءَ مان پاڻي نڪرندو، تہ اهي ماڻهو پيئن. سو موسيٰ بني اسرائيل جي بزرگن جي روبرو ائين ئي ڪيو.


اي يروشلم ۾ صيون تي رهندڙ اُمت، تون اڳتي نہ رئندينءَ؛ هو تنهنجي دانهن جو آواز ٻڌي ضرور توتي رحم ڪندو؛ هو ٻڌندو ۽ توکي جواب ڏيندو.


آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.


ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.


جڏهن هو انهن کي رڻ پٽ مان وٺي ٿي ويو، تڏهن اهي اُڃيا ڪونہ ٿيا: هن انهن جي لاءِ ٽڪريءَ مان پاڻي وهايو: هن ٽڪريءَ کي چيريو ۽ پاڻي بُڙڪا ڏيئي نڪري آيو.


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


اوهين سڀ جي اُڃيا آهيو سي پاڻيءَ تي اچو، ۽ اهو بہ، جنهن وٽ پئسو ڪونهي؛ اچو خريد ڪري کائو؛ هائو، اچو؛ شراب ۽ کير اڻ مُلهو ۽ بنا پئسي خريد ڪريو.


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


هو انهن کي پاڪ اُمت، ۽ خداوند جا ڇڏايل سڏيندا: ۽ تون ڳولي ڪڍيل، ۽ آباد شهر سڏبينءَ.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، منهنجا بندا کائيندا، پر اوهين بکيا رهندا؛ ڏسو، منهنجا بندا پيئندا، پر اوهين اُڃيا رهندا: ڏسو، منهنجا بندا خوشيون ڪندا، پر اوهين شرمندا ٿيندا:


۽ هيئن ٿيندو تہ انهن جي سڏڻ کان اڳي آءٌ جواب ڏيندس؛ ۽ اُهي اڃا ڳالهائيندا هوندا، تہ آءٌ سندن ٻڌندس.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.


ڇالاءِ جو ٿڪل جان کي مون ڍاول ڪيو آهي، ۽ سڀ ڪنهن غمگين روح کي مون راضي ڪيو آهي.


کير پياڪ ٻار جي زبان اُڃ کان ان جي تارونءَ کي لڳيو ٿي پوي: ننڍا ٻار ماني گهرن ٿا ۽ ڪوبہ ماڻهو اُها ڀڃي انهن کي نٿو ڏئي.


تڏهن هن مون کي چيو تہ هي پاڻي اُڀرندي واري ملڪ ڏانهن نڪري ٿا وڃن، ۽ عرباہ ۾ لهي ويندا: ۽ هو سمنڊ ڏانهن ويندا؛ جيڪي پاڻي ڪڍيا ويا هئا سي سمنڊ ۾ وڃي پوندا؛ ۽ اُهي پاڻي مٺا ٿي پوندا.


مبارڪ آهن اُهي جي دل جا غريب آهن، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن ئي جي آهي.


مبارڪ آهن اُهي جي سچائيءَ جا بکايل ۽ اُڃايل آهن، ڇالاءِ جو اُهي ڍائبا.


۽ هن پڪاري چيو تہ اي بابا ابراهيم، مون تي رحم ڪر، ۽ لعزر کي موڪل، تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ جو آئون هن ڄر ۾ پيو لڇان.


پر هن مون کي چيو تہ منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي قدرت ڪمزورين ۾ ڪامل ٿي ٿئي. تنهنڪري ڏاڍيءَ خوشيءَ سان آئون پنهنجين ڪمزورين تي فخر ٿو ڪريان، تہ مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.


۽ هن مون کي چيو تہ اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن، ڇالاءِ جو آئون الفا ۽ اوميگا، اول ۽ آخر آهيان. جيڪو اُڃايل آهي تنهن کي آبِ حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ