Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:9 - Sindhi Bible

9 اڙي تون جو صيون کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، مٿانهين جبل تي چڙهي وڃ؛ اڙي تون جو يروشلم کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، زور سان پنهنجو آواز بلند ڪر؛ اهو بلند ڪر، ڊڄ نہ، يهوداہ جي شهرن کي چئُہ تہ ڏسو اوهان جو خدا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اي يروشلم وارؤ! مٿاهين جبل تي چڙهي وڃي خوشخبريءَ جو اعلان ڪريو. هائو، اي صيئون وارؤ! وڏي آواز سان پڪاري خوشخبريءَ جو اعلان ڪريو. بلند آواز سان پڪاريو، ڊڄو نہ. يهوداہ جي شهرن کي ٻڌايو تہ ”اِجھو، اوهان جو خدا اچي رهيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:9
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابياہ صمريم جبل تي چڙهي بيٺو، جو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آهي ۽ چوڻ لڳو تہ، اي يربعام، ۽ اي ڪل اسرائيليو، منهنجي ڳالهہ ٻڌو؛


يسعياہ بن آموص جو رويا، جو هن يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، حزقياہ جي ڏينهن ۾، يهوداہ ۽ يروشلم بابت ڏٺو.


ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن چوڻ ۾ ايندو تہ ڏسو، هي اسان جو خدا آهي؛ اسان هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، ۽ هو اسان کي بچائيندو: هي خداوند آهي؛ اسين هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، اسين هن جي نجات ڪري خوش ۽ سرها ٿينداسين.


هو بي انداز گل ڪندو، ۽ هو خوشيءَ سان گيت ڳائي سرهو ٿيندو؛ لبنان جو شان، ۽ ڪرمل ۽ شارون جي سرفرازي هن کي ڏني ويندي: اهي خداوند جو جلال ۽ اسان جي خدا جي سرفرازي ڏسندا.


مون ئي پهرين صيون کي چيو تہ ڏس، هن کي ڏس: آءٌ ئي يروشلم کي هڪڙو خوشخبري ڏيندڙ موڪليندس.


جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس:


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


اوهين جي سچائيءَ کي سڃاڻو ٿا منهنجي ٻڌو، اي اُمت، جنهن جي دل ۾ منهنجي شريعت آهي؛ ماڻهن جي ملامت کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي طعني جو ڊپ ڪر.


تنهن ڪري منهنجي اُمت منهنجو نالو ڄاڻيندي: ۽ انهي ڏينهن اهي ڄاڻندا تہ آءٌ اهو آهيان جو ڳالهائي ٿو؛ ڏس، اهو آءٌ آهيان.


ڏسو، اوهين جهيڙي ۽ تڪرار لاءِ روزو ٿا رکو، ۽ انهيءَ لاءِ تہ شرارت سان مُڪون هڻو: اوهين اڄ ڪلهہ اهڙو روزو نٿا رکو جو اوهان جو آواز آسمان ۾ ٻڌڻ ۾ اچي.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


لبنان تي چڙهي وڃ ۽ وڃي پڪار؛ ۽ بسن ۾ پنهنجو آواز بلند ڪر: ۽ عباريم مان دانهون ڪر؛ ڇالاءِ جو تنهنجا سڀ عاشق ناس ٿي ويا آهن.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.


ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.


۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.


پر پطرس انهن يارهن سان گڏ بيهي، وڏي سڏ ڳالهائي چوڻ لڳو، تہ اي يهودي ۽ ٻيا اوهين سڀ جي يروشلم جا رهاڪو آهيو، جيڪي آئون چوان ٿو سو ڪَن ڏيئي ٻُڌو؛


هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.


هاڻي، اي خداوند، تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر، ۽ پنهنجن بندن کي توفيق ڏي تہ تنهنجو ڪلام ڏاڍا بي ڊپا ٿي ٻُڌائين،


پر آئون چوان ٿو تہ هنن نہ ٻُڌو ڇا؟ هائو، بيشڪ، جيئن لکيل آهي، تہ ”هنن جو آواز ساري زمين تي ڦهلجي ويو، ۽ سندن ڪلام دنيا جي حدن تائين وڃي پهتو.“


۽ منهنجي لاءِ بہ، تہ ڳالهائڻ وقت مون کي ڪلام ٻُڌائڻ جي توفيق ملي، تہ آئون خوشخبريءَ جو راز بهادريءَ سان ظاهر ڪريان؛


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


پر جي راستبازيءَ جي ڪري اوهين کڻي ڏک سهو تہ بہ اوهين مبارڪ آهيو: ۽ انهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي مونجهاري ۾ پئو؛


۽ جڏهن يوتام کي اها خبر ملي، تڏهن هو وڃي گرزيم جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو، ۽ وڏي آواز سان سڏ ڪري هنن کي چوڻ لڳو تہ اي سڪم جا رهاڪو، منهنجي ڳالهہ ٻڌو، تہ خدا بہ اوهان جي ٻڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ