Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:6 - Sindhi Bible

6 هڪڙي جي آواز چيو تہ پڪار، ۽ ٻئي چيو تہ ڇا پڪاريان؟ سڀ ماڻهو گاهہ وانگر آهن، ۽ انهن جي سڀ سونهن ميدان جي گاهہ وانگيان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن هڪڙو آواز آيو تہ ”اعلان ڪر.“ مون پڇيو تہ ”ڪهڙو اعلان ڪريان؟“ تڏهن مون کي چيو ويو تہ ”اعلان ڪر تہ هر بشر گاهہ مثل آهي، انهن جو جٽاءُ جھنگلي گلن جيترو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو گل وانگر پيدا ٿئي ٿو ۽ وڍيو وڃي ٿو، ۽ پاڇي وانگر لنگهي وڃي ٿو ۽ بيهي نٿو.


منهنجي ڄمار پاڇي وانگي گذرندي وڃي؛ آءٌ گاهہ وانگيان ڪومائجي ويو آهيان.


جڏهن بڇڙا ماڻهو گاهہ وانگي اُسرن ٿا، ۽ سڀ خطاڪار وڌن ويجهن ٿا؛ تڏهن اهو انهيءَ لاءِ ٿو ٿئي تہ اهي هميشہ جي لاءِ برباد ٿي وڃن.


اي صيون جا رهاڪو وڏي سڏ پڪار ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو تنهنجي وچ ۾ اسرائيل جو پاڪ خدا عظيم آهي.


تنهن ڪري انهن جا رهاڪو ڪمزور ٿيا، اهي ڊڄي ۽ منجهي ويا؛ جهنگ جي گاهہ جهڙا، ۽ ساون ٻوٽن جهڙا، ۽ ڇتين تي بيٺل گاهہ جهڙا، ۽ اُڀرڻ کان اڳي (ڪومايل) پوک جهڙا ٿيا.


هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز آهي، تہ اوهين بيابان ۾ خداوند جو رستو تيار ڪريو.


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


ڇالاءِ جو هڪڙو اهڙو ڏينهن ٿيندو جو افرائيم جي ٽڪرن تي پهري وارو پڪاري چوندو تہ اوهين اُٿو، هلو تہ صيون ڏي خداوند پنهنجي خدا وٽ هلون.


اوهين جبعہ ۾ شرنائي وڄايو، ۽ رامہ ۾ قرناءِ: بيت اون ۾ خوف جو آواز ڪريو؛ اي بنيمين تنهنجي پٺيان!


۽ جنهن فرشتي مون سان پي ڳالهايو، تنهن مون کي چيو تہ تون پڪاري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي يروشلم ۽ صيون جي لاءِ تمام گهڻي غيرت ٿي اچي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ