Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:4 - Sindhi Bible

4 هرڪا ماٿري بلند ٿيندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺانهين ڪئي ويندي؛ ۽ ڏنگو سنئون ڪيو ويندو، ۽ کڏون کوٻا سڌا ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هر هڪ هيٺاهينءَ کي ڀري هڪ ڪرو ڪيو ويندو، هر هڪ جبل ۽ ٽڪريءَ کي ڀڃي هموار ڪيو ويندو. هائو، هر ڏنگيءَ شيءِ کي سڌو، ۽ هر کڏي کوٻي کي سنئون ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن جا رستا ڏنگا آهن، ۽ جن جون واٽون اُبتيون آهن:


هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز آهي، تہ اوهين بيابان ۾ خداوند جو رستو تيار ڪريو.


۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي ماڻهو انهي کي گڏ ڏسندا: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


ڀلي تہ بيابان ۽ ان جا شهر، ۽ قيدار جا آباد ڪيل ڳوٺ پنهنجو آواز مٿي ڪن؛ ڀلي تہ سلع جا رهاڪو ڳائين، ۽ جبلن جي چوٽيءَ تان وڏي سڏ پڪارين.


آءٌ تنهنجي اڳيان هلندس ۽ کڙٻڙيا هنڌ سنوان ڪندس: آءٌ پتل جا در ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ لوهہ جا گز وڍي ڌار ڪندس:


آءٌ پنهنجي سڀني جبلن تي رستو بنائيندس، ۽ منهنجون شاهي سڙڪون بحال ٿينديون.


لنگهي وڃو، دروازن مان لنگهي وڃو، اوهين اُمت جو رستو تيار ڪريو؛ شاهي سڙڪ مٿانهين ڪريو، مٿانهين ڪريو؛ پهڻ ميڙي پري ڪريو؛ قومن جي لاءِ جهنڊو کڙو ڪريو.


۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڄاڻندا تہ مون، خداوند، اهو وڏو وڻ هيٺ ڪيرايو آهي، ۽ ننڍي وڻ کي وڌائي مٿي ڪيو اٿم؛ ۽ سائي وڻ کي سُڪائي ڇڏيو اٿم، ۽ سُڪل وڻ کي سائو ڪري وڌايو اٿم: مون خداوند اها ڳالهہ ڪئي آهي ۽ اهو ڪم ڪيو اٿم.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ پنهنجي پڳ ۽ ڇٽ لاهي ڇڏ: هي اڳتي اهڙو ساڳيو نہ رهندو: جيڪو هيٺ آهي تنهن کي مٿي ڪر، ۽ جيڪو مٿي آهي تنهن کي هيٺ ڪر.


اي وڏا جبل، تون ڇا آهين، زروبابل جي اڳيان تون ميدان ٿي ويندين: ۽ جڏهن هو چوٽيءَ جو پٿر ڪڍي ايندو تڏهن ماڻهو پڪاري چوندا تہ هن تي فضل ٿئي، فضل ٿئي.


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هو ٻيو ماڻهو نہ، پر هيءُ راستباز ٿي گهر موٽيو: ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري سو هيٺ ڪيو ويندو، پر جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري سو مٿي ڪيو ويندو.


هرڪا ماٿري ڀرجي پوندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺ ڪئي ويندي، ۽ ڏنگا رستا سنوان ٿيندا، ۽ کڏن کوٻن واريون سڙڪون لسيون ٿي پونديون،


هو غريب کي مٽيءَ مان مٿي کڻي ٿو، هو محتاجن کي ڪچري جي ڍير تان مٿي کڻي وٺي ٿو. انهي لاءِ تہ هنن کي شهزادن سان گڏ ويهاري، ۽ جلال جو تخت ورثي ۾ ڏياري: ڇالاءِ جو زمين جا بنياد خداوند جا آهن، ۽ هن جهان انهن تي بيهاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ