Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:30 - Sindhi Bible

30 نوجوان ٿڪجي ماندا ٿي پوندا، ۽ جوان ماڻهو بلڪل ڪري پوندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 جيتوڻيڪ نوجوان ٿڪجي پوندا، ۽ اهي ساڻا ٿي پوندا، بلڪ جوڌا جوان بہ بلڪل ڪري پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:30
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙو ڪوبہ بادشاهہ ڪونهي جو پنهنجي گهڻي لشڪر جي ڪري بچي وڃي: ۽ نڪو اهڙو بهادر آهي جو پنهنجي گهڻيءَ طاقت جي ڪري ڇٽي وڃي.


شينهن جا ٻچا حاجت مند ۽ بکيا ٿين ٿا: پر جيڪي خداوند جا طالب آهن تن کي ڪنهن بہ نعمت جي گهرج ڪانہ رهندي.


ڏس، تو منهنجي عمر گرانٺ جيڏي ڪئي آهي؛ ۽ منهنجي حياتي تنهنجي اڳيان ڪين جهڙي آهي: سچ سڀڪو ماڻهو ڪهڙي بہ چڱيءَ حالت ۾ هجي تہ بہ ٻاڦ وانگر آهي.


آءٌ موٽي آيس ۽ ڏٺم تہ سج هيٺان شرط جلد ڊوڙڻ وارو نٿو کٽي، ۽ نہ جنگ ڏاڍو ٿو کٽي، نڪي وري ماني ڏاهي کي ٿي ملي، نڪي دولت سمجهہ وارن ماڻهن کي ٿي حاصل ٿئي، نڪي عزت هنرمند ماڻهن کي نصيب ٿي ٿئي؛ پر سڀني سان وقت ۽ اتفاق لاڳو ٿو ٿئي.


۽ انهن جون ڪمانون جوان ماڻهن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون، ۽ انهن کي کير پياڪن تي ڪوبہ رحم نہ ايندو؛ انهن جي اک ٻارن کي بہ ڇڏي نہ ڏيندي.


تنهن ڪري خداوند انهن جي جوان ماڻهن تي خوش نہ ٿيندو، نڪي هو انهن جي يتيمن ۽ بيوہ زالن تي رحم ڪندو: ڇالاءِ سڀڪو بي دين ۽ بدڪار آهي، ۽ سڀڪو وات بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ٿو ڪري. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


موآب ويران ٿي ويو آهي ۽ هو ان جي شهرن ۾ چڙهي ويا آهن، ۽ ان جا چونڊيل جوان مرد قتلام لاءِ لهي ويا آهن: ائين اُهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


تنهن ڪري آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سان ڀرجي ويو آهيان؛ آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان: اُها بازار ۾ ٻارن تي، ۽ جوان ماڻهن جي جماعت تي گڏي اوتي وجهہ: ڇالاءِ جو مرد زال سميت پڪڙيو ويندو، ۽ ٻڍو، پوريءَ عمر واري ماڻهوءَ سميت.


ڇالاءِ جو موت اسان جن درين منجهہ چڙهي آيو آهي، ۽ اسان جن محلاتن ۾ گهڙي آيو آهي؛ تہ ٻارن کي گهٽين مان، ۽ جوان ماڻهن کي چونڪ مان وڍي ڇڏي.


تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زوراور پنهنجو زور لڳائي نہ سگهندو، نڪي بهادر پاڻ کي بچائي سگهندو:


پر دائود پنهنجن چئن سوَن ماڻهن سان اڳتي هليو: ڇالاءِ جو ٻہ سؤ، جي اهڙا ٿڪجي پيا هئا جو بسور جي نهر جي پار نہ وڃي سگهيا، سي پٺتي رهجي ويا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ