Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:27 - Sindhi Bible

27 اي يعقوب تون ڇو ٿو چوين، ۽ اي اسرائيل تون ڇو اهڙي ڳالهہ ٿو ڪرين، تہ منهنجو رستو خداوند کان لڪل آهي، ۽ منهنجي عدالت منهنجي خدا کان لنگهي وئي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 تنهنڪري اي بني يعقوب! اوهين ڇو شڪايت ٿا ڪريو؟ هائو، اي بني اسرائيل! اوهين ڇو اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تہ خدا اوهان جي تڪليفن کي نہ ٿو ڄاڻي، يا هو اوهان سان ٿيندڙ ناانصافيءَ ۾ اوهان جي سار سنڀال نہ ٿو لهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:27
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هو اُهو ٿو ڪري جو هن منهنجي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي: ۽ اهڙيون گهڻيون شيون هن وٽ آهن.


جيئري خدا جو قسم آهي جنهن منهنجو حق کسي ورتو آهي؛ ۽ قادر مطلق منهنجي روح کي ستايو آهي؛


ڇالاءِ جو ايوب چيو آهي تہ آءٌ سچو آهيان، ۽ خدا منهنجو حق کسي ورتو آهي:


اي خداوند تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف؛ ڇالاءِ جو تو عجب ۽ غريب ڪم ڪيا آهن، يعني تنهنجون مصلحتون قديم کان وفاداري ۽ سچيون آهن.


اي يعقوب، اي اسرائيل، اهي ڳالهيون ياد رک؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو بندو آهين: مون توکي جوڙيو آهي؛ تون منهنجو بندو آهين: اي اسرائيل آءٌ توکي ڀلجي نہ ويندس.


پر صيون چيو تہ يهوواہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي، خداوند مون کي وساري ڇڏيو آهي.


پر مون چيو تہ مون اجائي محنت ڪئي آهي، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي: انهي هوندي بہ يقيناً منهنجو انصاف خداوند وٽ آهي، ۽ منهنجو اجر منهنجي خدا وٽ آهي.


خداوند تنهنجو ڇڏائيندڙ فرمائي ٿو، تہ تمام گهڻيءَ ڪاوڙ ۾ مون هڪ لحظي واسطي پنهنجو منهن تو کان لڪايو؛ پر هميشہ واري مهربانيءَ سان آءٌ توتي رحم ڪندس،


۽ دائود پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي هڪڙي ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس: منهنجي لاءِ انهي کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ڀڄي فلستين جي ملڪ ۾ وڃان؛ ۽ سائول مون کان نااُميد ٿي وري مون کي اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ نہ ڳوليندو: انهيءَ طرح آءٌ سندس هٿان ڇٽي پوندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ