23 هو شهزادن کي نابود ٿو ڪري؛ ۽ زمين جي حاڪمن کي فنا ڪري ٿو ڇڏي.
23 هو دنيا جي طاقتور حڪمرانن کي هيٺ ڪيرايو ڇڏي، ۽ کين ڪين جهڙو ڪريو ڇڏي.
هو ڪاهنن کي ڦري لٽي قيد ڪري ٿو، ۽ زور وارن کي اونڌو ڪري ڇڏي ٿو.
هو اميرن تي حقارت هاري وجهي ٿو، ۽ طاقت وارن جو ڪمربند کولي ٿو.
هو سردارن تي بي عزتي ٿو موڪلي ۽ کين رڻ پٽ ۾ ٿو رلائي، جتي ڪابہ واهہ ڪانهي.
هو سردارن جو ساهہ سڪائي ڇڏيندو: هو زمين جي بادشاهن لاءِ هيبتناڪ آهي.
انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.
ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:
لشڪرن جي خداوند اها رٿ رٿي آهي، انهي لاءِ تہ ساري شان شوڪت جي مغروريءَ کي چٽ ڪري ۽ زمين جي سڀني عزت وارن کي ذليل ڪري.
اهي سندس سردارن کي بادشاهت لاءِ سڏيندا، پر ڪوبہ ڪونہ ايندو؛ ۽ انهيءَ جا سڀ شهزادا نابود ٿي ويندا.
افسوس انهن تي جي پنهنجي نظر ۾ ڏاها آهن ۽ پنهنجي نگاهہ ۾ سياڻا آهن!
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي وچ مان قاضيءَ کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سندن سڀ امير ساڻس گڏ ڪُهي ڇڏيندس.