Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:22 - Sindhi Bible

22 هي اهو ئي آهي جو زمين جي دائري تي ويٺو آهي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو تڏين وانگي آهن؛ هو آسمان کي پردي وانگي تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگي انهن کي پکيڙي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 هي سڀ انهيءَ ئي جوڙيو آهي، جيڪو زمين وَ آسمان کان مٿي پنهنجي تخت تي ويٺو آهي. هيٺ زمين جا رهاڪو کيس ڪِولين جيترا ننڍڙا نظر اچن ٿا. هو اهو ئي آهي جيڪو آسمان کي پردي وانگر تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگر انهيءَ کي پکيڙي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:22
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيو تہ، پاڻين جي وچ ۾ خال ٿئي تہ پاڻي، پاڻين کان جدا ٿين.


گهاٽا ڪڪر هن جو پردو آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿو سگهي؛ ۽ هو آسمان جي چوڌاري گهمي ٿو.


هو خالي جاءِ تي اُتر کي پکيڙي ٿو، ۽ زمين کي خال تي ٽنگي ڇڏي ٿو.


هائو، ڪو ماڻهو ڪڪرن جو پکڙڻ، ۽ هن جي شامياني جو گجڻ سمجهي سگهندو ڇا؟


آسمان، جو پلٽيل آرسيءَ جهڙو مضبوط آهي، تنهن کي تون هن سان گڏ پکيڙي سگهندين ڇا؟


جو اڪيلو ئي اڪيلو آسمان کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي لهرن تي سير ڪري ٿو.


تون نور کي پوشاڪ وانگر ٿو پهرين: ۽ آسمان کي پردي وانگي ٿو پکيڙين:


هن اوندهہ کي، يعني برسات جي اوندهہ کي، ۽ آسمان جي گهاٽن ڪڪرن کي، پنهنجي لڪڻ جي جاءِ، ۽ پنهنجي چوڌاري شاميانو ڪيو.


اُنهن جو سر ساري زمين ۾ هلي ويو آهي، اُنهن جو ڪلام دنيا جي ڇيڙي تائين وڃي پهتو آهي. اُنهن ۾ هن سج جي لاءِ تنبو هنيو آهي.


جو آسمان ۾ ويٺو آهي، سو کلندو: خداوند انهن تي ٺٺوليون ڪندو.


خداوند ٻوڏ جي وقت تخت نشين هو؛ هائو خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي.


انهيءَ جي، جو مدامي آسمانن جي آسمان تي سواري ٿو ڪري؛ ڏس، هو پنهنجو آواز ٿو ٻڌائي، جو قدرت وارو آواز آهي.


جڏهن هن آسمان بنايا تڏهن آءٌ اُتي هيس: جڏهن هن سمنڊ جي سطح تي گهيرو ڪيو:


مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.


اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين؛ تون ئي اڪيلو زمين جي سڀني بادشاهن جو خدا آهين؛ تو زمين ۽ آسمان جوڙيا آهن.


ڏسو، قومون پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي وانگي آهن، ۽ ساهميءَ جي سنهيءَ مٽي وانگيان شمار ٿيل آهن: ڏسو، هو ٻيٽن کي هڪڙي ذري وانگي ٿو کڻي.


سڀ قومون هن جي اڳيان ڪين جهڙيون آهن؛ اهي هن جي نظر ۾ ڪين کان بہ گهٽ، بلڪ بي بقا آهن.


جيسين ڪ هو زمين تي عدالت قائم نہ ڪندو، تيسين هو نڪي ٿڪبو، نڪي بي همت ٿيندو؛ ۽ ٻيٽ هن جي شريعت جو انتظار ڪندا.


خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ،


خداوند تنهنجو نجات ڏيندڙ، ۽ جنهن توکي تنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ خداوند آهيان جو سڀ شيون ٿو جوڙيان؛ جو اڪيلو آسمان کي تاڻيان ٿو ۽ زمين کي پري پکيڙي ٿو ڇڏيان: ڪير منهنجو شريڪ آهي؟


تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟


هن پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا قائم ڪئي آهي، ۽ پنهنجي سمجهہ سان هن آسمان پکيڙيا آهن:


اسرائيل جي بابت خداوند جي طرفان نبوت جو ڪلام. خداوند جنهن آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ زمين جو بنياد وڌو اٿس، ۽ اسان جي اندر پنهنجو روح پيدا ڪيو اٿس، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ


۽ اسان اتي راڪاس ڏٺا، يعني عناق جو اولاد، جي راڪاسن جي نسل مان آهن، ۽ اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين، ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ