يسعياہ 40:20 - Sindhi Bible20 جن کي اهڙي قرباني پيش ڪرڻ جي وسعت ڪانهي سو اهڙو ڪو وڻ پسند ٿو ڪري جو سڙي ڪِنو نہ ٿئي؛ هو پنهنجي لاءِ اهڙو هوشيار ڪاريگر ٿو ڳولي جو اهڙي اُڪريل مورت جوڙي جا قائم رهي سگهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible20 پر جنهن کي سون يا چاندي ناهي، سو وري ڪنهن اهڙي وڻ جي ڳولا ٿو ڪري جيڪو ڳري سڙي ڪنو نہ ٿئي. پوءِ هو انهيءَ جي ڪاٺي اهڙي هوشيار ڪاريگر کي ٿو ڏئي، جيڪو انهيءَ مان اهڙي اُڪريل مورتي جوڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪري جيڪا اونڌي ٿي نہ ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي: