Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 40:19 - Sindhi Bible

19 اُڪريل مورت تہ ڪاريگر پگهاري، ۽ سونارو انهي تي سون مڙهي ٿو، ۽ انهيءَ جي لاءِ چانديءَ جون زنجيرون پلٽي ٺاهي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڇا ڪنهن بي‌جان مورتيءَ سان؟ جڏهن تہ انساني هٿن جي ڪاريگريءَ سان اها اُڪري ٺاهي وڃي ٿي، جنهن تي سونارو سون مڙهي ٿو، ۽ انهيءَ لاءِ چانديءَ جون زنجيرون پلٽي ٺاهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 40:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڌارين قومن جا بت چاندي ۽ سون آهن، اهي ماڻهن جي هٿ جا جوڙيل آهن،


جيڪي انهن کي جوڙين ٿا، ۽ جيڪي مٿن ڀروسو ٿا رکن، سي سڀ انهن جهڙا ٿيندا.


انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛


انهن جو ملڪ بتن سان بہ ڀريل آهي، هو پنهنجن هٿن جي ڪم، جو سندن آڱرين جو جڙيل آهي، تنهن جي بندگي ٿا ڪن.


۽ اها چاندي جا اوهانجين اُڪريل مورتن تي چڙهيل آهي، ۽ اهو سون جو اوهانجين پلٽيل مورتن تي چڙهيل آهي، تنهن کي اوهين پليت ڪندا؛ تون انهن کي ناپاڪ شيءِ ڄاڻي اُڇلائي ڇڏيندين؛ تون هنن کي چوندين تہ هتان نڪري وڃو.


ڪٽيل چانديءَ جا تڙڇ جي ترسيس مان آندل آهن، ۽ سون اوفاز مان، اهو ڪاريگر جو، ۽ سوناري جي هٿن جو ڪم آهي؛ انهن جا ڪپڙا نيرا ۽ واڱڻائي آهن، اهو سڀ هنر وارن ماڻهن جو ڪم آهي.


انهن شراب پي، پوءِ سون ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي.


ڇالاءِ جو هي بہ اسرائيل کان آهي؛ ڪاريگر انهي کي جوڙيو آهي، ۽ اُهو خدا ناهي: هائو، سامريہ جو گابو ڀڃي پرزا پرزا ڪيو ويندو.


۽ جڏهن هن اُهي پئسا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، تڏهن ماڻس ٻہ سؤ چانديءَ جا سڪا کڻي هڪڙي ڪاريگر کي ڏنا، جنهن انهيءَ مان هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت ٺاهيو: ۽ اهو ميڪاہ جي گهر ۾ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ