Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 4:5 - Sindhi Bible

5 ۽ خداوند صيون جبل جي سڀ ڪنهن مڪان تي، ۽ ان جي جماعتن تي، ڏينهن جو ڪڪر ۽ دونهون، ۽ رات جو شعلي وانگر باهہ جو سوجهرو پيدا ڪندو: ڇالاءِ جو انهيءَ ساري جلال تي هڪڙي ڇٽي پکيڙي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن خداوند صيئون جبل جي هر جاءِ کي ۽ ان تي رهندڙ سندس قوم کي ڏينهن جي وقت ڪڪر ۽ رات جي وقت دونهين ۽ شعلي واري باهہ سان ڍڪيل رکندو. خدا جو جلوو پوري شهر تي ڇانيل رهندو ۽ انهيءَ جي حفاظت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 4:5
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانسواءِ تون انهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ سان وٺي هلئين؛ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ سان، انهيءَ لاءِ تہ جنهن رستي تي اُنهن کي هلڻو هجي، انهيءَ تي هنن کي روشنائي ڏين.


هن ڇانوَ ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ هڪڙو ڪڪر موڪليو؛ ۽ رات جو سوجهري لاءِ باهہ موڪيائين.


اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، آءٌ سچارن جي مجلس ۾ ۽ جماعت جي وچ ۾ پنهنجي ساريءَ دل سان خداوند جي شڪر گذاري ڪندس.


۽ ڏينهن جي وقت ڪڪر سان، ۽ رات جو باهہ جي سوجهري سان، انهن جي رهبري ڪيائين.


يقيناً جيڪي هن کان ڊڄن ٿا، تن کي نجات ويجهي آهي؛ تہ اسان جي ملڪ ۾ جلال قائم رهي.


هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي.


۽ صبح جو سوير هيئن ٿيو، جو خداوند باهہ جي ۽ ڪڪر جي ٿنڀ منجهان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو، ۽ مصرين جي لشڪر کي پريشان ڪيائين.


۽ ڇهہ ڏينهن ڪڪر انهي جي مٿان بيٺو هو، ۽ ستين ڏينهن هن ڪڪر منجهان موسيٰ کي سڏيو.


وري تون خيمي جي لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا جوڙج، جنهن ۾ اُستاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.


۽ خيمي جي مٿان وجهڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا جوڙج.


۽ منهنجي اُمت سلامتيءَ واري گهر ۾، بي خوف، آرام ۽ فرحت جي جاين ۾ رهندي.


صيون ڏانهن نظر ڪر جو اسانجين پاڪ رسمن جو شهر آهي: تنهنجون اکيون يروشلم کي ڏسنديون جو آرام جو گهر، ۽ اهڙو تنبو آهي جو هٽايو نہ ويندو، جنهن جا ڪِلا پٽيا نہ ويندا، ۽ جنهن جي رسن مان ڪوبہ نہ ڇڄندو.


ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.


آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.


اُٿ روشن ٿي، ڇالاءِ جو تنهنجي روشنائي آئي آهي، ۽ خداوند جو جلال توتي ظاهر ٿيو آهي.


ڇالاءِ جو ڏس، اوندهہ زمين کي ڍڪي ڇڏيندي، ۽ گهاٽي اوندهہ قومن کي: پر خداوند توتي ظاهر ٿيندو، ۽ هن جو جلال توتي ڏسڻ ۾ ايندو.


ڇالاءِ جو جتي ٻہ يا ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي گڏ ٿا ٿين، اُتي آئون بہ انهن جي وچ ۾ آهيان.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ