Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 39:6 - Sindhi Bible

6 ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن جيڪي تنهنجي گهر ۾ آهي، ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو بابل ڏانهن کڄي ويندو: خداوند فرمائي ٿو تہ ڪجهہ بہ ڇڏيو نہ ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 يقيناً اُهو وقت ايندو جڏهن جيڪي تنهنجي گھر ۾ آهي ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو سڀ بابل ملڪ ڏانهن کڄي ويندو ۽ ڪابہ شيءِ پٺ تي نہ ڇڏي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 39:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن اُتان خداوند جي گهر جا سڀ خزانا ۽ بادشاهہ جي گهر جا سڀ خزانا ڪڍائي ٻاهر ڪيا، ۽ جيڪي سونا باسڻ اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي هيڪل ۾ جوڙايا هئا، سي وڍائي پرزا پرزا ڪيا، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.


۽ هڪڙي سال جي گذرڻ کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر هن کي ماڻهو موڪلي بابل ۾ آڻايو، ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گهر جا چڱا چڱا باسڻ بہ آندائين، ۽ سندس ڀاءُ صدقياہ کي يهوداہ ۽ يروشلم جو بادشاهہ ڪيائين.


۽ خدا جي گهر جا سڀ باسڻ، وڏا توڙي ننڍا، ۽ خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خزانا، اهي سڀ هو بابل ڏي کڻي ويو.


تنهن کان سواءِ هن شهر جي سڄي دولت، ۽ ان جون سڀ پيدائشون، ۽ ان جون سڀ قيمتي شيون، هائو، يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا، آءٌ هنن جي دشمنن جي هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اُهي انهن کي لٽي بابل ڏي کڻي ويندا.


هو تنهنجا ڪپڙا بہ لاهي ويندا، ۽ تنهنجا سهڻا زيور بہ کڻي ويندا.


۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.


۽ بادشاهہ پنهنجي ناظرن جي سردار اسپنز کي چيو، تہ بني اسرائيل جي شاهي نسل ۽ اميرن مان، ڪي ماڻهو وٺي آڻي حاضر ڪر؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ