Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 39:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن هن پڇيو تہ هنن تنهنجي گهر ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟ حزقياہ جواب ڏنو تہ جيڪي منهنجي گهر ۾ آهي، سو سڀ هنن ڏٺو آهي: منهنجي خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي، جا مون هنن کي نہ ڏيکاري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 يسعياہ کانئس پڇيو تہ ”هنن تنهنجي محل ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”منهنجي محل ۾ جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ هنن ڏٺو آهي. منهنجي خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي، جيڪا مون هنن کي نہ ڏيکاري هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 39:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن آدم وانگر مون پنهنجا گناهہ ڍڪيا، جو پنهنجو ڏوهہ پنهنجي دل ۾ لڪايم:


جيڪي اصل هستيءَ ۾ نہ آهي تنهن تي پنهنجون اکيون وجهندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيئن عقاب آسمان ڏانهن اُڏامي ٿو وڃي، تيئن دولت بہ ضرور اُڏامي ويندي.


جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.


تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ هنن ماڻهن ڇا چيو، ۽ اهي تو وٽ ڪٿان آيا هئا؟ حزقياہ چيو تہ اهي هڪڙي ڏورانهين ملڪ يعني بابل مان مون وٽ آيا هئا.


تڏهن يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ لشڪرن جي خداوند جو ڪلام ٻڌ.


اي منهنجا جبل تون جو ميدان ۾ آهين، گناهہ جي ڪري آءٌ تنهنجن سڀني سرحدن ۾ تنهنجو سڀ مال، ۽ تنهنجا سڀ خزانا، ۽ تنهنجون سڀ مٿانهيون جايون لٽ جي لاءِ ڏئي ڇڏيندس.


۽ يشوع عڪن کي چيو تہ اي پٽ، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر، ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ؛ ۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ؛ اهو مون کان نہ لڪاءِ.


جي اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ هو اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ، ۽ اسان کي سموري ناراستيءَ کان پاڪ ڪرڻ ۾ سچو ۽ عادل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ