Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:20 - Sindhi Bible

20 خداوند مون کي بچائڻ لاءِ تيار آهي: تنهن ڪري اسين ساري عمر خداوند جي گهر ۾، تار وارن سازن تي پنهنجا راڳ ڳائينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. تنهنڪري اسين سڀيئي پنهنجي سڄي عمر تنهنجي هيڪل ۾ تار وارن سازن تي تنهنجي واکاڻ ڳائيندا رهنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:20
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي حضور ۾ گيت ڳائيندس: جيسين آءٌ حيات آهيان تيسين خدا جي تعريف ڳائيندو رهندس.


ڇالاءِ جو هن مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏنو آهي، سو جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين کيس پڪاريندو رهندس.


اي منهنجا خدا، اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندس؛ ۽ آءٌ سدائين تنهنجي نالي کي مبارڪ چوندس.


هر روز آءٌ توکي مبارڪ چوندس؛ ۽ سدائين تنهنجي نالي جي تعريف ڪندس.


جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي تعريف ڪندس: جيسين منهنجو وجود آهي تيسين آءٌ خداوند جي حضور ۾ تعريف ڳائيندو رهندس.


دف ۽ ناچ سان سندس تعريف ڪريو: تار وارن سازن ۽ توتاريءَ سان سندس تعريف ڪريو.


اوهين جي راستباز آهيو سي خداوند ۾ خوشي ڪريو: تعريف ڪرڻ سچارن جي سونهن آهي.


بربط سان خداوند جو شڪر ڪريو: ڏهن تارن جي تنبوري تي هن جي تعريف ڳايو.


اي خداوند تون منهنجن چپن کي کول؛ تہ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو.


اي خدا انهن تنهنجي آمد ڏٺي آهي. بلڪ انهن منهنجي خدا، منهنجي بادشاهہ کي پاڪ مڪان ۾ ويندو ڏٺو آهي.


اڳيان ڳائڻ وارا هئا، ۽ پٺيان وڄائڻ وارا هئا؛ ۽ وچ ۾ ڪنواريون هيون جن دف پئي وڄايا.


ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.


۽ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو ۽ انهيءَ اُلٽي ڪري يوناہ کي سڪيءَ زمين تي اُڇلائي وڌو.


يهوواہ، خداوند منهنجي طاقت آهي؛ اُهو منهنجا پير هرڻي جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي منهنجين مٿانهين جاين تي هلائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ