Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:19 - Sindhi Bible

19 جيئرا، هائو جيئرا ئي تنهنجي تعريف ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان: پيءُ پنهنجي اولاد کي تنهنجي سچائيءَ جي خبر ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 جيئرا، هائو، جيئرا ئي تنهنجي واکاڻ ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان. هر پيڙهي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي وفا جا ڪم بيان ڪري ٻڌائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


آءٌ مرندس ڪين پر جيئرو رهندس، ۽ خداوند جي ڪمن جو بيان ڪندس.


شل منهنجي جان جيئري رهي، ۽ اها تنهنجي تعريف ڪندي؛ شل تنهنجا فيصلا منهنجي مدد ڪن.


هڪڙي پيڙهيءَ جا ماڻهو ٻيءَ پيڙهيءَ کي تنهنجن ڪمن جي تعريف ٻڌائيندا، ۽ تنهنجي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندا.


جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي تعريف ڪندس: جيسين منهنجو وجود آهي تيسين آءٌ خداوند جي حضور ۾ تعريف ڳائيندو رهندس.


تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


اوهين اُها پنهنجي اولاد کي ٻڌايو ۽ اوهان جا ٻار وري ٻيءَ پيڙهيءَ کي ٻڌائين.


جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو.


۽ اهي تون پنهنجي اولاد کي سيکارج، گهر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اُٿندي، انهن جو ذڪر ڪج.


خاص ڪري انهي ڏينهن واريون ڳالهيون، جنهن ڏينهن تون حورب جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺين، ۽ جڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ اُمت کي منهنجي حضور ۾ آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو ڪلام ٻڌايان؛ انهي لاءِ تہ جيترا ڏينهن هو زمين تي جيئرا رهن اوترا ڏينهن مون کان ڊڄڻ سکن، ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ سيکارين.


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


۽ اهي تون پنهنجي اولاد کي سيکارج، گهر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اُٿندي انهن جو ذڪر ڪندو رهج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ