Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:18 - Sindhi Bible

18 قبر تنهنجي تعريف نٿي ڪري سگهي، نڪي موت تنهنجي واکاڻ ڪري ٿو سگهي: جيڪي قبر ۾ ٿا لهن سي تنهنجي سچائيءَ جي اميد رکي نٿا سگهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 مئلن جي دنيا ۾ ڪوبہ تنهنجي شڪرگذاري يا واکاڻ نہ ٿو ڪري سگھي، نڪي اهي قبر وارا تنهنجي رحمتن کي ڏسڻ جي ڪا اميد رکي ٿا سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، آءٌ توکي پڪاريندس؛ اي منهنجا ٽڪر، منهنجي ٻڌي اڻٻڌي نہ ڪر: متان ائين ٿئي تہ جڏهن تون مون ڏانهن خاموش رهين، تہ پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جي قبر ۾ ٿا پون.


جي آءٌ قبر ۾ وڃي پوان تہ پوءِ منهنجي مرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ مٽي تنهنجي تعريف ڪندي ڇا؟ اها تنهنجي سچائي پڌري ڪندي ڇا؟


ڇو جو موت کان پوءِ تنهنجي يادگيري ڪانهي؛ قبر ۾ ڪير تنهنجا ٿورا مڃيندو؟


آءٌ آهون ڀري ڀري ٿڪجي پيو آهيان؛ سڄي رات ڳوڙها ڳاڙي پنهنجو هنڌ اهڙو ٿو ڀڄايان، جو ڄڻ تہ پاڻيءَ ۾ پيو تري.


شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


انهيءَ طرح هو، ۽ ٻيا جيڪي سندن هئا، سي سڀ جيئري ئي وڃي اوڙاهہ ۾ پيا؛ پوءِ زمين انهن جي مٿان پورجي ويئي، ۽ اهي جماعت منجهان نابود ٿي ويا.


۽ انهن کي هميشہ جي سزا ملندي: پر راستبازن کي هميشہ جي زندگي.


پر جيڪي بادشاهت جا ٻار آهن، تن کي ٻاهرينءَ اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏبو. اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ