Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:16 - Sindhi Bible

16 اي خداوند، انهن ڳالهين ڪري ماڻهو جيئرا ٿا رهن، ۽ منهنجي روح جي حياتي سموري انهن ۾ آهي: تنهن ڪري تون ئي مون کي چڱو ڀلو ڪر ۽ مون کي جيئرو رک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اي پروردگار! تنهنجيون ڳالهيون ۽ تنهنجا ڪم مون سميت هر ڪنهن کي حياتي ٿا بخشين. سو تو ئي مون کي چڱو ڀلو ڪيو آهي، ۽ نئين حياتي بخشي اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

د منهنجي جان مٽيءَ ۾ ملي ويئي آهي: تون مونکي پنهنجي ڪلام پٽاندر جيار.


چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا؛ تہ آءٌ تنهنجا قانون سکان.


اي خداوند مون کي خبر آهي تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ تو پنهنجيءَ وفاداريءَ جي ڪري مون کي ڏک ڏنا آهن.


اي خداوند، تو منهنجيءَ جان کي قبر مان ڪڍي آندو آهي: تو مونکي جيئرو رکيو آهي، تہ آءٌ قبر ۾ نہ پوان.


پنهنجو هٿ مون کان جهل تہ آءٌ ساهہ پٽيان، انهي کان اڳي تہ آءٌ هتان هليو وڃان ۽ فنا ٿي وڃان.


تو جنهن اسان کي گهڻيون ۽ سخت تڪليفون ڏيکاريون آهن، تون وري اسان کي جيئرو ڪندين، ۽ زمين جي تري مان اسان کي ڪڍي مٿي آڻيندين.


جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟


پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ لکيل آهي تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نہ جيئندو پر جيڪي بہ لفظ خدا جي واتان نڪرندا تن ڪري جيئندو.“


پر جڏهن خداوند اسان کي جاچي ٿو تڏهن اسان کي سيکت ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ اسين دنيا سان گڏ ڏوهاري ثابت نہ ٿيون.


ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛


۽ هن توکي نماڻو ڪيو، ۽ بک ماريائين، ۽ توکي من کارايائين، جنهن جي نہ توکي خبر هئي، نہ تنهنجي ابن ڏاڏن کي؛ انهي لاءِ تہ توکي سيکاري تہ ماڻهو رڳو مانيءَ سان جيئرو نٿو رهي، پر هرڪا ڳالهہ جا خداوند جي واتان ٿي نڪري، تنهن سان جيئرو ٿو رهي.


تنهن کانسواءِ جي جسماني پيءُ اسان کي سيکت ڏيندا هئا تہ اسين انهن جي تعظيم ڪندا هئاسين؛ تڏهن روحن جي پيءُ جي اسين وڌيڪ تابعداري نہ ڪريون ڇا تہ جيئرا رهون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ