Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:15 - Sindhi Bible

15 آءٌ ڇا چوان؟ هن مون سان ڳالهايو بہ آهي ۽ پاڻ ائين بہ ڪيو اٿس: آءٌ پنهنجي روح جي ڪَڙائيءَ جي ڪري، پنهنجيءَ عمر جا باقي ورهيہ خبرداريءَ سان گذاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اي خداوند! آءٌ تہ ڪجھہ چئي بہ نہ ٿو سگھان، ڇاڪاڻ تہ مون سان هي سڀ تو ئي تہ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي حياتي زهر ٿي پيئي آهي، تنهن هوندي بہ مون کي پنهنجا ڏينهن پورا ڪرڻا آهن.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:15
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ بت تي کٿو ڍڪيائين، ۽ روزو رکيائين، ۽ کٿي تي سمهڻ ۽ آهستي هلڻ لڳو.


۽ جڏهن هو انهيءَ ٽڪر تي خدا جي مرد وٽ آئي، تڏهن انهيءَ جي پيرن کي وڃي جهليائين. ۽ جيحازيءَ هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجهو آيو؛ پر اُنهيءَ خدا جي مرد چيس تہ هن کي ڇڏي ڏي: ڇالاءِ جو هن جي دل پريشان آهي؛ ۽ خداوند اها ڳالهہ مون کان لڪائي آهي، ۽ مون کي نہ ٻڌائي اٿس.


۽ هاڻي، اي اسان جا خدا، هن کانپوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇالاءِ جو اسان تنهنجا حڪم ڇڏي ڏنا آهن،


منهنجو روح منهنجي حياتيءَ کان بيزار آهي ۽ آءٌ پنهنجي فرياد آزاديءَ سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي ڏکي روح سان ڳالهائيندس.


۽ ٻيو ساهہ جي ساڙ ۾ مري ٿو، ۽ چڱائيءَ جو ذرو بہ نٿو چکي.


تنهنڪري آءٌ پنهنجو وات ڪين روڪيندس؛ آءٌ پنهنجي روح جي رنج ۾ ڳالهائيندس؛ آءٌ پنهنجي روح جي ڪَڙائيءَ ۾ دانهن ڪندس.


آءٌ خداوند کي پيار ٿو ڪريان. ڇو جو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجا عرض ٻڌا آهن.


نشي واري شيءِ انهيءَ کي پياريو جو مرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ شراب انهيءَ کي پياريو جو شڪستہ دل وارو آهي.


ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.


هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.


اي خداوند، جڏهن اسرائيلي پنهنجن دشمنن جي اڳيان پٺ ڏيئي ٿا ڀڄن، تڏهن آءٌ ڇا چوان؛


۽ هن ڏاڍي دل جي درد مان خداوند کان دعا گهري، ۽ زار زار رنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ