Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:14 - Sindhi Bible

14 ابابيل يا ڪنگ وانگي مون ٻوليون ڪيون؛ ڳيري وانگيان مون اوساريو: منهنجون اکيون مٿي نهاري نهاري ساڻيون ٿيون ٿين: اي خداوند آءٌ ستايل آهيان، تون منهنجو ضامن ٿيءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ ابابيلن ۽ ڪنگن جهڙي جھيڻي آواز ۾ رڙندو ٿي رهيس، مون ڳيري وانگر اوسارا پئي ڪڍيا. منهنجيون اکيون عرش ڏانهن نهاري نهاري ساڻيون ٿي پيون هيون. سو مون چيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ستايل آهيان، تون اچي منهنجو ساڻي ٿيءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ڪو پڪو انجام ڏي، منهنجي لاءِ پاڻ وٽ ضامن پؤ؛ ڪير آهي جو مون کي تاڙي ڏيندو؟


آءٌ گدڙن جو ڀاءُ آهيان، ۽ اٺ پکين جو سنگتي آهيان.


تنهنجي ڪلام جو انتظار ڪندي منهنجي اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي، ۽ آءٌ ائين پيو چوان تہ ڪڏهن تون مون کي تسلي ڏيندين؟


اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون.


مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ مون کي جواب ڏي: آءٌ پنهنجي غم ۾ بي آرام آهيان، ۽ ڪنجهان پيو.


آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان؛ ۽ نڙي سڪي ويئي اٿم: ۽ خدا جو انتظار ڪندي منهنجون اکيون ضعيف ٿي ويون آهن.


اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي.


اسان جون اکيون اسان جي مدد لاءِ نهاري نهاري ڪمزور ٿي ويون آهن؛ پنهنجي انتظار ڪڍڻ ۾ اسان اهڙيءَ قوم جي لاءِ انتظار پئي ڪيو آهي جا بچائي نٿي سگهي.


پر جيڪي هنن مان ڀڄي نڪرندا سي بچندا، ۽ وادين جي ڪبوترن وانگي جبلن تي هوندا، ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ماتم ڪندو.


۽ حصب اُگهاڙي ڪري قيد ٿي ويئي آهي، ۽ انهي جون ٻانهيون ڪبوترن جي آواز سان ٿيون اوسارين ۽ ڇاتيون ٿيون ڪُٽين.


پر نينوہ قديم وقت کان پاڻيءَ جي حوض وانگي آهي، تہ بہ هو ڀڄي پيا وڃن. هو پڪارين ٿا تہ بيهي رهو، بيهي رهو، پر ڪوبہ منهن ورائي نٿو نهاري.


تنهنڪري يسوع هڪڙي بهتر عهد جو ضامن آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ