Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 38:1 - Sindhi Bible

1 انهن ڏينهن ۾ حزقياہ اهڙو بيمار ٿي پيو جو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو. ۽ آموص جو پٽ يسعياہ نبي وٽس آيو ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي گهراڻي جو پورو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون جيئرو ڪين رهندين، پر مري ويندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪو ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 38:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو، تڏهن مون روزو رکيو ۽ رُنو: ڇالاءِ جو مون چيو تہ ڪنهن کي خبر، تہ خداوند مون تي مهربان ٿئي ۽ شايد ٻار جيئرو رهي؟


۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.


انهن ڏينهن ۾ حزقياہ اهڙو بيمار ٿيو جو مرڻ تي هو. ۽ هن خداوند کان دعا گهري؛ ۽ انهيءَ ساڻس ڳالهايو ۽ کيس هڪڙي نشاني ڏنائين.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


يسعياہ بن آموص جو رويا، جو هن يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، حزقياہ جي ڏينهن ۾، يهوداہ ۽ يروشلم بابت ڏٺو.


۽ محلات جي ناظر الياقيم، ۽ شبناہ منشيءَ، ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليائين.


تڏهن آموص جي پٽ يسعياہ، حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليو، تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن تو اسور جي بادشاهہ سنحيرب جي برخلاف دعا گهري آهي،


۽ خدا هنن جا ڪم ڏٺا، جو هو پنهنجي خراب رستي کان باز آيا؛ ۽ خدا انهي خرابيءَ کان ڦريو، جا هن چيو هو تہ هنن سان ڪندس، ۽ ائين ڪين ڪيائين.


۽ يوناہ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي شهر ۾ گهڙيو ۽ پڪاري چوڻ لڳو تہ چاليهن ڏينهن کانپوءِ نينوہ تباهہ ٿي ويندو.


۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو هوءَ بيمار ٿي مري ويئي: ۽ اُنهيءَ کي غسل ڪرائي ماڙيءَ تي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ کڻي رکيو هئائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ