Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:7 - Sindhi Bible

7 ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙي افواہ ٻڌي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي سندس ملڪ ۾ ترار سان مارائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ڌيان سان ٻڌ، آءٌ هنن ۾ هڪڙو افواهہ ڦهلائيندس جنهن جي ٻڌندي ئي شهنشاهہ پريشان ٿي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو. پوءِ اتي آءٌ کيس ڪنهن جي هٿان مارائي ڇڏيندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر رٿن جو آواز، ۽ گهوڙن جو آواز، مطلب تہ هڪڙي وڏي لشڪر جو آواز ٻڌو هو: ۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ ڏسو، اسرائيل جي بادشاهہ حتين جي بادشاهن، ۽ مصرين جي بادشاهن کي ڀاڙي ڪيو آهي، تہ اسان سان وڙهن.


۽ خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو، جنهن اسور جي بادشاهہ جي منزلگاهہ ۾ سڀني همت وارن بهادرن ۽ منهندارن ۽ سردارن کي وڍي ڇڏيو. انهيءَ طرح هو ڦڪو منهن کڻي موٽي پنهنجي وطن ڏي ويو، ۽ جڏهن هو پنهنجي معبود جي گهر ۾ آيو، تڏهن جيڪي خود سندس آنڊن مان نڪتا هئا، تن هن کي اتي ترار سان ماري وڌو.


خوف جو آواز هنن جي ڪنن ۾ آهي، سک ۾ ڦرلٽ ڪرڻ وارو هن تي ڪاهي ايندو.


خدا جي دم سان هو چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ انجي ڪاوڙ جي جهوٽي سان هو مري کپي وڃن ٿا.


اوهان جي ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو سيڪ اچي، تنهن کان اڳي هو انهن ساون ۽ سڪن کي واچوڙي سان اُڏائي کڻي ويندو.


تون مون تي ڪاوڙيو آهين، ۽ تنهنجي بي ادبي منهنجن ڪنن تائين پهتي آهي؛ تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ وجهندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجي وات ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي تون آيو آهين تنهن رستي توکي پٺ تي موٽائيندس.


۽ هن حبش جي بادشاهہ ترهاقہ بابت ٻڌو تہ هو وڙهڻ لاءِ آيو آهي. ۽ جڏهن اها خبر ٻڌائين، تڏهن قاصدن جي هٿان حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليائين، تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ