Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:6 - Sindhi Bible

6 ۽ يسعياہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي مالڪ کي چئجو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي ڳالهيون تو ٻڌيون آهن، ۽ جن سان اسور جي بادشاهہ جي نوڪرن مون لاءِ ڪفر بڪيو آهي، تن کان تون متان ڊڄين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن يسعياہ کين چيو تہ ”وڃي پنهنجي مالڪ کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ’اشور جي شهنشاهہ جي ڇاڙتن منهنجي باري ۾ جيڪا بڪواس ڪئي آهي، تن ڳالهين جي ڪري تون نہ ڊڄ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، صبر ڪريو خداوند جو ڇوٽڪارو ڏسو جو اڄ هو ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ جن مصرين کي اوهين اڄ ڏسو ٿا، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


جيڪي ڊڄڻيءَ دل وارا آهن، تن کي چئو تہ مضبوط ٿيو، ۽ ڊڄو نہ: ڏسو، اوهان جو خدا وير وٺڻ لاءِ ۽ بدلو ڏيڻ لاءِ ايندو؛ هو اچي اوهان کي بچائيندو.


تڏهن حزقياہ بادشاهہ جا ملازم يسعياہ وٽ آيا.


اوهين جي سچائيءَ کي سڃاڻو ٿا منهنجي ٻڌو، اي اُمت، جنهن جي دل ۾ منهنجي شريعت آهي؛ ماڻهن جي ملامت کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي طعني جو ڊپ ڪر.


۽ چئوس تہ سنڀال ڪج ۽ صبر ۾ رهج؛ ۽ هنن ٻن دونهين ڪندڙن اماڙين جي پڇڙين جي سبب متان ڊڄين، ۽ رضين، ۽ ارام، ۽ رملياہ جي پٽ جي ڪاوڙ ڪري پنهنجي دل کي بي آرام ٿيڻ نہ ڏي.


۽ اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڇڏيندا: ۽ اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا.


پوءِ هنن کي چيائين، تہ ڇو ٿا ڊڄو؟ اڃا بہ ايمان ڪونہ اٿوَ ڇا؟


هاڻي اُستاد کي وڌيڪ تڪليف ڇو ٿو ڏين؟ پر يسوع انهي چوڻ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏئي عبادتخاني جي سردار کي چيو تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک.


تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ هنن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو سڀاڻي هن وقت آءٌ انهن سڀني کي اسرائيل جي اڳيان ماري سندن حوالي ڪندس: تون هنن جا گهوڙا گُڏيندين ۽ هنن جون گاڏيون باهہ سان ساڙيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ