Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:3 - Sindhi Bible

3 ۽ انهن هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو فرمائي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت، ۽ ملامت، ۽ نفرت جو ڏينهن آهي؛ ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آهن، پر ڄڻڻ جي طاقت ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هنن وڃي يسعياہ کي حزقياہ جو هي پيغام ڏيئي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ مصيبت، ملامت ۽ خواريءَ ڀريو ڏينهن آهي. اسان انهيءَ عورت مثل آهيون جيڪا ٻار ڄڻڻ واري آهي، پر ڪمزوريءَ سبب ڄڻي نہ ٿي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن وڃي هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو چوي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت جو، ۽ طعني جو، ۽ ڌڪار جو آهي: ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آيا آهن پر انهن کي ڄڻڻ جي طاقت ڪانہ رهي آهي.


پر جڏهن مصيبت جي وقت هو خداوند، اسرائيل جي خدا ڏانهن ڦريا، ۽ انهيءَ کي ڳوليائون، تڏهن انهيءَ کي لڌائون.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.


اوهين پنهنجين دلين کي سخت نہ ڪريو، جيئن ڪہ اوهان مريباہ ۽ بيابان ۾، مساہ جي ڏينهن ڪيو:


ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جي خدا وٽان رويا واريءَ وادي ۾ بي آرامي، ۽ موت، ۽ مونجهاري، ڀتين جي ڀڃڻ، ۽ جبلن تائين رڙين ڪرڻ جو هي ڏينهن آهي.


هن هميشہ لاءِ موت کي فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ خداوند خدا سڀني جي منهن تان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي قوم جي ملامت ساري زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


اي خداوند، تڪليف جي وقت هو تو وٽ آيا آهن، جڏهن هنن جي مٿان تنهنجي سيکت آئي تڏهن هو دعا گهرڻ لڳا.


پوءِ آءٌ اريئيل کي ڏک ڏيندس، ۽ اتي ماتم ۽ نوحو ٿيندو: پوءِ هو منهنجي لاءِ اريئيل جهڙو ٿيندو.


اي خداوند اسان تي فضل ڪر؛ اسين تنهنجا منتظر رهيا آهيون: تون هر روز صبح جو هنن جي ٻانهن جو زور ٿيءُ، ۽ مصيبت جي وقت اسان جو ڇوٽڪارو بہ ٿيءُ.


سورن کائڻ کان اڳي هن ڄڻي وڌو؛ سورن اچڻ کان اڳي هن پٽ ڄڻيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ هن کي ويم تائين آڻيان ۽ ويم نہ ڪرايانس ڇا؟ تنهنجو خدا فرمائي ٿو تہ آءٌ جو ويم ڪرايان ٿو سو پيٽ بند ڪري ڇڏيان ڇا؟


افسوس! ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن اهڙو وڏو آهي جو ڪوبہ انهي جهڙو ناهي: بلڪ اهو يعقوب جي مصيبت جو وقت آهي؛ پر هو انهي مان بچايو ويندو.


سورن واري زال جا درد هن تي ايندا: هو هڪڙو نادان پٽ آهي؛ مناسب آهي تہ هاڻي هو ڄمڻ ۾ دير نہ ڪري.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


افرائيم عتاب جي ڏينهن ويران ٿي ويندو: اسرائيل جي فرقن ۾ مون اها ڳالهہ پڌري ڪئي آهي جا ضرور ٿيڻي آهي.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ