Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:22 - Sindhi Bible

22 تڏهن خداوند انهي جي بابت هيئن ٿو فرمائي: تہ صيون جي ڪنواري ڌيءَ تنهنجي حقارت ڪئي آهي ۽ توتي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ توتي پنهنجو مٿو لوڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تنهن جي جواب ۾ هو سنحيرب کي فرمائي ٿو تہ ’اي سنحيرب! يروشلم شهر وارا تو کان نفرت ٿا ڪن، ۽ ٺٺوليون ڪندي تو تي کلن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:22
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جي نسبت ۾ خداوند هي ڪلام ڪيو آهي: صيون جي ڪنواري ڌيءَ تو تي نفرت ظاهر ڪئي آهي ۽ تو تي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ تو تي پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو آهي.


آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگهيس؛ جيڪڏهن اوهان جي جان منهنجي جان جي جاءِ تي هجي تہ جيڪر آءٌ لفظ ڳنڍي اوهان جي سامهون ڪريان، ۽ پنهنجو مٿو اوهان تي لوڏيان.


جن جي واتن مان ڪوڙيون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ جيڪي راستباز ماڻهوءَ جي برخلاف گستاخيءَ سان، مغروريءَ ۽ نفرت جون ڳالهيون ٿا ڪن، تن کي ماٺ ڪراءِ.


تہ آءٌ صيون جي ڌيءَ جي دروازن ۾ تنهنجي سڀ تعريف ظاهر ڪريان؛ آءٌ تنهنجيءَ نجات جي ڪري سرهو ٿيندس.


۽ صيون جي ڌيءَ ائين ڇڏي ويئي آهي جيئن ڪا ڀُونگي ڊاک جي منهہ ۾، يا جيئن ڪا جهوپڙي ونگن جي واڙي ۾، يا جيئن ڪو گهيري ڪيل شهر.


اڄوڪي ڏينهن هو نوب ۾ منزل ڪندو: صيون جي ڌيءَ جي جبل تي، ۽ يروشلم جي ٽڪريءَ تي هو پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.


۽ هن چيو تہ اي صيدا جي مظلوم ڪنواري ڌيءَ، تون وري اڳتي خوش نہ رهندينءَ: اُٿ، لنگهي ڪتيم ڏي وڃ؛ پر اتي بہ توکي آرام نہ ملندو.


اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.


ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي.


۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي.


تہ پنهنجي ملڪ کي ويران ۽ هميشہ جي لاءِ شوڪار جو باعث بنائين؛ جيڪو بہ اتان لنگهندو سو حيران ٿيندو ۽ پنهنجو سر ڌوڻيندو.


خداوند منهنجي وچ ۾ منهنجن سڀني بهادر مردن کي مات ڪري ڇڏيو آهي؛ هن منهنجي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي آهي تہ منهنجن جوان مردن کي چپي ڇڏي؛ خداوند يهوداہ جي ڪنواري ڌيءَ کي شراب جي چيچڙي وانگر لتاڙيو آهي.


اي يروشلم جي ڌيءَ، توکي ڪهڙي ثابتي ڏيان؟ ڪنهن سان توکي مشابهت ڏيان؟ اي صيون جي ڪنواري ڌيءَ، تنهنجو ڪنهن سان مقابلو ڪريان جو توکي تسلي ڏيان؟ ڇالاءِ جو تنهنجو ڦاٽ سمنڊ جيڏو وڏو آهي: ڪير انهيءَ کي پوري سگهندو؟


جيڪي پاسي کان لنگهن ٿا سي توتي تاڙيون وڄائين ٿا؛ هو يروشلم جي ڌيءَ تي شوڪارا ٿا ڀرين ۽ پنهنجا ڪنڌ لوڏين ٿا، ۽ چون ٿا تہ هي اُهو شهر آهي ڇا جنهن کي ماڻهو سونهن جو ڪمال، ۽ سڄيءَ زمين جي خوشي سڏيندا هئا.


اسرائيل جي ڪنواري ڪِري پيئي آهي؛ اُها وري نہ اُٿندي: اُها پنهنجي ملڪ ۾ اُڇلائي ويئي آهي؛ ڪوبہ هن کي اُٿارڻ وارو ڪونهي.


اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ، اي اسرائيل، للڪار؛ اي يروشلم جي ڌيءَ، پنهنجي سڄي دل سان سرهي ٿي ۽ خوشي ڪر.


اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ ۽ خوشي ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اچان ٿو، ۽ تنهنجي وچ ۾ رهندس.


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


”اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ ٿو اچي، نماڻو ۽ گڏهہ تي چڙهيل، بلڪ گڏهہ جي ٻچي، يعني کودڙي تي.“


۽ جيڪي اُتان لنگهي پئي ويا، تن مٿس ٽوڪون پئي هنيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٿي چيائون تہ


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ