Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:2 - Sindhi Bible

2 ۽ محلات جي ناظر الياقيم، ۽ شبناہ منشيءَ، ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن محل جي منتظم الياقيم، شبناہ شاهي محرر ۽ وڏن ڪاهنن کي کٿا ڍڪائي آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هنن بادشاهہ کي سڏيو تڏهن وٽن الياقيم بن خلقياہ، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، سو ۽ شبناہ محرر، ۽ يواخ بن آسف دفتردار نڪري آيا.


۽ الياقيم، گهر جي ڪم ڪار سنڀالڻ واري کي، ۽ شبناہ محرر ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ وٽ موڪليائين.


۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.


هاڻي جيڪي هي سڀ ڪيو ويو، تنهن جي خبر جڏهن مردڪئيءَ کي پيئي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ خاڪ ملي کٿو ڍڪيائين، ۽ نڪري شهر جي وچ ۾ ويو، ۽ دانهون ڪري زار زار روئڻ لڳو:


يسعياہ بن آموص جو رويا، جو هن يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، حزقياہ جي ڏينهن ۾، يهوداہ ۽ يروشلم بابت ڏٺو.


تنهن وقت خداوند يسعياہ بن آموص جي معرفت هيئن فرمايو تہ وڃي پنهنجي چيلهہ تان کٿو لاهہ، ۽ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ۽ هن ائين ڪيو، ۽ اگهاڙو ٿي پيرين اگهاڙو هليو.


۽ انهي ڏينهن خداوند، لشڪرن جي خداوند، اوهان کي رئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ، ۽ مٿي ڪوڙائڻ ۽ چيلهہ تي کٿي ٻڌڻ لاءِ سڏيو:


خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن خزانچيءَ وٽ وڃو، يعني شبناہ وٽ، جو گهر جي مٿان آهي ۽ چئو تہ،


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجي ٻانهي الياقيم بن خلقياہ کي سڏيندس:


تڏهن خلقياہ جو پٽ الياقم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي نڪري وٽس آيا.


۽ حزقياہ قاصدن جي هٿان اُهو خط ورتو ۽ پڙهيائين: ۽ حزقياہ خداوند جي گهر ۾ وڃي، اهو خداوند جي اڳيان کولي رکيو.


تڏهن آموص جي پٽ يسعياہ، حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليو، تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن تو اسور جي بادشاهہ سنحيرب جي برخلاف دعا گهري آهي،


انهن ڏينهن ۾ حزقياہ اهڙو بيمار ٿي پيو جو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو. ۽ آموص جو پٽ يسعياہ نبي وٽس آيو ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي گهراڻي جو پورو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون جيئرو ڪين رهندين، پر مري ويندين.


اي ڪاهن، اوهين کٿا چيلهہ سان ٻڌو ۽ ماتم ڪريو؛ اي قربانگاهہ جا خدمتگار، واويلا ڪريو؛ اي منهنجي خدا جا خدمتگار، سڄي رات کٿي ۾ سمهو، ڇالاءِ جو کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني اوهان جي خدا جي گهر کان روڪي ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ