Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:17 - Sindhi Bible

17 اي خداوند، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، اي خداوند پنهنجون اکيون کولي ڏس، ۽ سنحيرب جون هي سڀيئي ڳالهيون جي هن جيئري خداوند جي ملامت ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليون آهن سي ٻڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هاڻي اي خداوند! ڌيان ڏيئي اسان جي ٻڌ. اي خداوند! اسان ڏانهن نهاري ڏس تہ اسان سان ڇا ٿو وهي واپري. سنحيرب جون اهي سڀيئي ڳالهيون ٻڌ، جيڪي هن تو زندہ خدا جي خلاف ڪفر بڪندي چيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

امڪان آهي تہ جيڪو ايذاءُ مون کي پهتو آهي تنهن تي خداوند نظر ڪري، ۽ هن جي مون تي لعنت وجهڻ ڪري خداوند عيوض ۾ منهنجو ڀلو ڪري.


اي خداوند تون پنهنجو ڪن ڏي ۽ ٻڌ؛ اي خداوند، تون پنهنجيون اکيون کول ۽ ڏس؛ ۽ جيڪي ڳالهيون سنحيرب جيئري خدا کي طعني هڻڻ جي ارادي سان مون ڏانهن چوائي موڪليون آهن، سي ٻڌ.


هاڻي اي منهنجا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تنهنجون اکيون کليل رهن ۽ جيڪا دعا هن گهر ۾ گهرڻ ۾ ٿي اچي، تنهن ڏانهن تون ڌيان ڪري پنهنجو ڪن ڏج.


هاڻي منهنجون اکيون کليل رهنديون، ۽ منهنجا ڪن اُها دعا ٻڌندا جا هن هنڌ ڪرڻ ۾ ايندي.


هو سچن تان پنهنجون اکيون نٿو کڻي: برابر انهن کي هميشہ لاءِ تخت تي بادشاهن سان گڏ ويهاري ٿو، ۽ هو وڏو درجو حاصل ٿا ڪن.


آءٌ خداوند کي پيار ٿو ڪريان. ڇو جو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجا عرض ٻڌا آهن.


اي خدا، مون توکي سڏيو آهي، ڇو جو تون منهنجي ٻڌندين: مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي، ۽ منهنجي ڳالهہ ٻُڌ.


پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري، مون کي ڇوٽڪارو ڏي، ۽ مون کي ڇڏاءِ: مون ڏانهن ڪن ڏي ۽ مون کي بچاءِ.


اي خدا ڪيستائين دشمن طعنا هڻندو رهندو؟ دشمن تنهنجي نالي تي هميشہ تائين ڪفر بڪندو ڇا؟


اي خدا اُٿ، پاڻ پنهنجي وڪالت ڪر: ۽ ياد ڪر تہ بيوقوف ماڻهو ڪيئن نہ سڄو ڏينهن توکي طعنا ٿو هڻي.


اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.


شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر.


ڇالاءِ جو راستبازن تي خداوند جي مهر جي نظر آهي، ۽ سندس ڪَن انهن جي دعا ڏانهن آهن؛ پر جيڪي بدي ٿا ڪن، سي خداوند جي نگاهہ ۾ آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ