Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 37:12 - Sindhi Bible

12 جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن برباد ڪيو آهي، يعني جوزان، حاران، رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا، تن کي ڪو انهن جي معبودن ڇڏايو آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن منهنجي ابن ڏاڏن تلسار منجھہ رهندڙ بني عدن ۽ جوزان، هاران ۽ رصف شهرن کي ناس ڪري ڇڏيو تڏهن سندن معبود کين ڪو بچائي سگھيا ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 37:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جو حاران جو پٽ هو، ۽ پنهنجيءَ ننهن، يعني ابرام جي زال ساريءَ کي پاڻ سان وٺي نڪتو، ۽ اهي سڀيئي ڪسدين جي اور مان روانا ٿيا ۽ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن ويا. جڏهن اهي حاران ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.


تارح جي ساري عمر ٻہ سؤ پنج ورهيہ هئي: ۽ تارح حاران ۾ مري ويو.


سو هيئن ٿيو تہ جڏهن ابرام مصر ۾ آيو، تڏهن مصرين ڏٺو تہ هيءَ زال ڏاڍي سهڻي آهي،


۽ خداوند خدا اُڀرندي ڏانهن عدن ۾ هڪڙو باغ بنايو؛ ۽ انسان، جنهن کي هن جوڙيو هو، تنهن کي انهيءَ ۾ رکيائين.


سو يعقوب بيرسبع مان نڪري حاران ڏانهن روانو ٿيو.


جڏهن يعقوب اتي پهتو، تڏهن انهن کي چيائين تہ ڀائرو، اوهين ڪٿان جا آهيو؟ هنن چيو تہ اسين حاران جا آهيون.


هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.


۽ اسور جو بادشاهہ اسرائيل کي قيد ڪري اسور ۾ وٺي ويو ۽ اُتي جوزان نديءَ جي ڪناري تي، خلح ۽ خابور ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ هنن کي رکيائين:


غير قومن جي معبودن اُنهن کي ڪو ڇڏايو ڇا، جن کي منهنجي ابن ڏاڏن چٽ ڪيو آهي، يعني جوزان، ۽ حاران، ۽ رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا؟


سنڀالجو، متان حزقياہ هيئن چئي اوهان کي ٺڳي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو. غير قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ پنهنجو ملڪ اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟


حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفرائيم جو معبود ڪٿي آهي؟ انهن سامريہ کي منهنجي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟


هنن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪهڙن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿان ڇڏايو آهي جو خداوند يروشلم کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو.


حمات جو بادشاهہ، ۽ ارفاد جو بادشاهہ، سفروائيم شهر جو بادشاهہ، ۽ هينع ۽ عواہ جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟


حران، ۽ ڪنہ، ۽ عدن، ۽ سبا، ۽ اسور، ۽ ڪلمد جا واپاري تنهنجا واپاري هوندا هئا.


تون خدا جي باغ عدن ۾ هئين؛ سڀ قيمتي پٿر تو ٿي ڍڪيا، ياقوت، پکراج، هيرا، فيروزا، سليماني پٿر، يشب، نيلم، زمرد، ۽ لعل ۽ سون: تنهنجي ڍولڪن ۽ بنسرين جي ڪاريگري تو ۾ هئي؛ جنهن ڏينهن تون خلقيو ويو هئين، انهي ڏينهن اُهي بہ تيار ڪيون ويون هيون.


۽ آءٌ دمشق جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي آون جي واديءَ مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي عدن جي گهر مان وڍي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ ارام جا ماڻهو قيد ٿي قير تائين ويندا.


هو چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو ۽ بزرگو ٻُڌو: اسان جو پيءُ ابراهيم حاران ۾ وڃي رهيو، تنهن کان اڳي جڏهن ميسپتاميا ۾ رهندو هو، تڏهن خدا ذوالجلال مٿس ظاهر ٿيو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ