Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 36:7 - Sindhi Bible

7 پر جيڪڏهن تون مون کي چوندين تہ اسين خداوند پنهنجي خدا تي ڀروسو ٿا رکون، تہ هو اهو ناهي ڇا جنهن جا مٿانهان مڪان ۽ قربانگاهون حزقياہ ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو اٿس تہ اوهين هن ٻئي قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اعليٰ عملدار انهن ماڻهن کي وڌيڪ چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 36:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ اسان جو ڀروسو خداوند اسان جي خدا تي آهي: تہ هو اهو نہ آهي ڇا جنهن جون مٿانهيون جايون ۽ جنهن جون قربانگاهون حزقياہ ڪيرائي ڇڏيون آهن، ۽ جنهن يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو آهي تہ اوهين يروشلم ۾ هن قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪجو؟


۽ انهن جي برخلاف هنن کي مدد ملي، ۽ هاجري پنهنجن سڀني ساٿين سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنا ويا: ڇالاءِ جو هنن جنگ ۾ خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي دعا خدا قبول ڪئي؛ ڇالاءِ جو هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.


۽ هو اُٿيا ۽ يروشلم ۾ جيڪي قربانگاهون هيون، ۽ لوبان ساڙڻ جون سڀ قربانگاهون کڻي ويا، ۽ وڃي قدرون جي نديءَ ۾ اُڇلايائون.


هاڻي جڏهن سڀ ڪم پورو ٿيو، تڏهن جي اسرائيلي حاضر هئا، سي نڪري يهوداہ جي شهرن ڏي ويا، ۽ ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ يسيرتن کي وڍي ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ مٿانهيون جايون ۽ قربانگاهون ساري يهوداہ ۽ بنيمين مان، بلڪ افرائيم ۽ منسي مان بہ، ڀڃي ڇڏيائون، ۽ اهي سڀيئي چٽ ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ سڀ بني اسرائيل موٽي پنهنجي پنهنجي ملڪيت تي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا.


ساڳئي حزقياہ ان جون مٿانهيون جايون ۽ ان جون قربانگاهون ڪڍي نہ ڇڏيون آهن ڇا، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي نہ چيو اٿس ڇا تہ اوهين هڪڙي قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪريو ۽ انهيءَ تي لوبان ساڙيو؟


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.


تنهن ڪري هاڻي آءٌ توکي چوان ٿو تہ تون منهنجي مالڪ اسور جي بادشاهہ سان شرط ٻڌ، آءٌ توکي ٻہ هزار گهوڙا ڏيان ٿو، ۽ تون پنهنجي طرفان انهن تي سوار چاڙهي ڏيکار.


پر جيڪو روحاني ماڻهو آهي سو سڀ ڳالهيون جاچي ٿو، پر خود کيس ڪو ٻيو نٿو جاچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ