Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 36:6 - Sindhi Bible

6 ڏس، تون انهي چٿيل ڪانهي جي لٺ تي، يعني مصر تي ڀروسو ٿو ڪرين، جنهن تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏئي تہ سندس هٿ ۾ گهڙي ونڌي ڇڏيس: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ انهن سڀني لاءِ هڪ اهڙو آهي، جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تون مصر تي ڀاڙيو ويٺو آهين جيڪو هڪ ڦٿل ڪاني مثل آهي ۽ جيڪو ماڻهو ان تي اَهل ڏيئي هلندو آهي تہ اهو ڪانو سندس هٿ ۾ چڀي پوندو آهي! مصر جو فرعون انهن سڀني سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري ٿو جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 36:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسور جي بادشاهہ هوسيع جو منصوبو معلوم ڪيو: ڇالاءِ جو هن مصر جي بادشاهہ سو ڏانهن ايلچي موڪليا ۽ اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڪو نذرانو نہ موڪليائين، جيئن اڳي سال بسال موڪليندو هو: تنهنڪري اسور جي بادشاهہ هن کي قيد ۾ وجهي ٻڌي بند ڪري ڇڏيو.


هاڻي ڏس، تنهنجو ڀروسو اهڙيءَ لٺ تي آهي جهڙو ڦٿل ڪانو، يعني مصر تي آهي، جنهن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏيندو تہ اُهو سندس هٿ ۾ چُڀي ويندو: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ، جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن، تن جي لاءِ اهڙو ئي آهي.


اوهين پنهنجو ڀروسو سردارن تي نہ رکو، نڪي بني آدم تي، جي بچائي نٿا سگهن.


تڪليف جي وقت بي ايمان ماڻهوءَ ۾ ويساهہ رکڻ، اهڙو آهي جهڙو ڀڳل ڏند، ۽ سنڌ کان نڪتل پير.


انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!


مصري انسان آهن، ۽ خدا نہ آهن؛ انهن جا گهوڙا گوشت آهن ۽ روح نہ آهن: جڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيريندو، تڏهن جيڪو مدد ٿو ڪري سو ٿاٻڙندو، ۽ جنهن کي مدد ٿي ملي سو ڪِرندو، ۽ اهي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.


نڪي فرعون پنهنجي زور واري لشڪر ۽ وڏي ميڙ سان جنگ ۾ هن لاءِ ڪجهہ ڪندو، کڻي هو بند ٻڌندا ۽ قلعا جوڙيندا، انهي لاءِ تہ گهڻن ماڻهن کي وڍي ڇڏين.


۽ اُها وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ويساهہ جوڳي نہ ٿيندي تہ بدڪاري ياد ڏياري، جڏهن هو انهن ڏانهن ڦري نهاريندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ