Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 36:16 - Sindhi Bible

16 حزقياہ جو چوڻ نہ ٻڌو، ڇو جو اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مون سان صلح ڪريو ۽ مون ڏانهن هليا اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ جو ميوو کائي، ۽ هرڪو پنهنجي حوض جو پاڻي پيئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اشور جو شهنشاهہ اوهان کي چوي ٿو تہ ’پنهنجي شهر مان نڪري اچي مون وٽ پيش پئو. اوهان مان هر ڪنهن کي اها اجازت هوندي تہ هو ايستائين پنهنجي ئي انگورن جي ول مان انگور کائي، پنهنجي ئي انجير جي وڻ مان انجير کائي ۽ پنهنجي ئي کوهہ مان پاڻي پيئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 36:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڊاک ۽ انجير جي وڻ هيٺان سڏيندو.


۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، پنهنجي پنهنجي ڊاک جي منهہ، ۽ انجير جي وڻ هيٺ صحيح سلامت رهندا آيا.


پر هرڪو ماڻهو، پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ هيٺان ويهندو، ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو اهو فرمان آهي.


تنهنڪري مون ڀائرن کي اهو عرض ڪرڻ ضروري سمجهيو، تہ هو اڳڀرو اوهان وٽ اچن، ۽ جنهن خيرات جو اوهان انجام ڪيو آهي، سا جمع ڪن، تہ اُها بخشش وانگر تيار ٿئي نہ زور زبردستيءَ وانگر.


پاڻي خود پنهنجي چشمي مان پيءُ ۽ وهندڙ پاڻيءَ جو خود تنهنجي کوهہ مان ٿو نڪري،


حزقياہ جي ڳالهہ متان مڃو: ڇالاءِ جو اسور جي بادشاهہ هيئن فرمايو آهي تہ مون سان صلح ڪريو ۽ نڪري مون وٽ اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ڊاک کائي، ۽ پنهنجي پنهنجي انجير جي وڻ مان کائي، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي حوض مان پاڻي پئي؛


پوءِ هو اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ موٽي آيو، ۽ سندس ساري ٽولي ساڻس گڏ اچي هن جي اڳيان بيهي رهي: ۽ هن چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اسرائيل جي خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي، مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي کان هڪڙو تحفو قبول ڪر.


يهوداہ ۽ اسرائيل جي قوم ايتري گهڻي هئي جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري، ۽ اُهي ماڻهو کائيندا پيئندا ۽ مزا ماڻيندا ٿي وتيا.


پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.


۽ هاڻي هي نذرانو، جو تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ انهن جوان ماڻهن کي ڏنو وڃي، جي منهنجي ڌڻيءَ جي پٺيان ٿا هلن.


تڏهن يبيس جي بزرگن هن کي چيو تہ اسان کي ستن ڏينهن جي مهلت ڏي، تہ اسين اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ قاصد موڪليون: ۽ پوءِ جي ڪوبہ اسان کي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيو، تہ اسين تو وٽ اينداسين.


سو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي سوکڙي، جا تو وٽ آندي اٿم، سا قبول ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا مون تي پنهنجو فضل ڪيو آهي، ۽ مون وٽ سڀڪي آهي. ۽ هن گهڻو زور ڪيس، تڏهن هن اُها ورتي.


تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو يعقوب اسان جي پٺيان پيو اچي. ڇالاءِ جو هن چيو تہ هيءَ سوغات جا مون کان اڳ ۾ وٺيو ٿا وڃن، تنهن سان آءٌ هن جي ڪاوڙ ڍري ڪندس، ۽ پوءِ سندس منهن ڏسندس؛ تہ من هو مون کي قبول ڪري.


جيڪو انجير جو وڻ ٿو سنڀالي سو انهي جو ميوو کائيندو، ۽ جيڪو پنهنجي ڌڻيءَ جي خدمت لاءِ تيار رهي ٿو سو مان پائيندو.


جيسين ڪہ آءٌ اچي اوهان کي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان جو اوهان جي ملڪ وانگي اَن ۽ شراب جو ملڪ، ۽ مانيءَ ۽ ڊاک جو ملڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ