Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 35:3 - Sindhi Bible

3 اوهين ڪمزور هٿن کي زور وارا ڪريو، ۽ نستا گوڏا مضبوط ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اي خداوند جي قوم! اوهين جيڪي ڪمزور ٿي پيا آهيو سي همت وارا ٿيو، ۽ جيڪي خوف وچان ڏڪو ٿا سي دلجاءِ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 35:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻيا جيڪي انهن جي آس پاس هئا، تن چانديءَ جي باسڻن، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن ۽ قيمتي شين سان هنن کي مدد ڏيئي مضبوط ڪيو، ۽ انهيءَ کانسواءِ دل جي خوشيءَ جا نذرانا بہ ڏنائون.


پر جيڪر اوهان کي پنهنجي وات سان مضبوط ڪريان، ۽ منهنجن چپن جي تسلي جيڪر اوهان جو ڏک هلڪو ڪري ڇڏي.


پر موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا تنهنڪري انهن هڪڙو پهڻ کڻي سندس هيٺان رکيو. انهيءَ تي هو ويهي رهيو، ۽ هارون ۽ حور سندس هٿ جهلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان، ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان؛ انهيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي هئا.


تڏهن انهي آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو، ۽ مون کي طاقت بخشيائين.


انهي ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ تون نہ ڊڄ، ۽ صيون کي تہ تون پنهنجا هٿ ڍرا ٿيڻ نہ ڏي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج.


۽ اُتي آسمان مان هڪڙي ملائڪ کيس ڏيکاري ڏني، ۽ اُهو ڏڍ ڏيڻ لڳس.


ڪجهہ وقت اتي گذاري اُتان نڪتو، ۽ هڪ ٻئي پٺيان گلتيہ ۽ فروگيہ جي ملڪن مان لنگهندو سڀني شاگردن کي مضبوط ڪندو ويو.


تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا سڌا ڪريو،


۽ جيڪي هو چوندا سو تون ٻڌندين؛ ۽ تنهن کان پوءِ تنهنجا هٿ منزلگاهہ ۾ لهي وڃڻ لاءِ مضبوط ٿيندا. تڏهن هو پنهنجي ٻانهي فوراہ سان گڏجي منزلگاهہ ۾ لشڪر جي ٻاهرين پاسي ويو.


۽ هن کي چيائين تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ توکي نہ لهندو، ۽ تون اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين، ۽ توکان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو؛ ۽ انهي جي بہ منهنجي پيءُ کي خبر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ