Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 35:2 - Sindhi Bible

2 هو بي انداز گل ڪندو، ۽ هو خوشيءَ سان گيت ڳائي سرهو ٿيندو؛ لبنان جو شان، ۽ ڪرمل ۽ شارون جي سرفرازي هن کي ڏني ويندي: اهي خداوند جو جلال ۽ اسان جي خدا جي سرفرازي ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 بيابان ۾ هر طرف گل ئي گل ٽڙندا، ۽ انهيءَ مان خوشيءَ جي گيتن ۽ شادمانن جا آواز پيا ايندا. اهو اهڙو شاندار ٿي پوندو جهڙو لبنان جبل. اهو اهڙو تہ زرخيز ٿي پوندو، جهڙو ڪرمل جبل ۽ شارون جي ماٿري. تڏهن هر ڪو خداوند اسان جي خدا جي عظمت ۽ قدرت ڏسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 35:2
57 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لبنان جو جلال، يعني صنوبر جا وڻ، ۽ ديال ۽ شمشاد جو ڪاٺ گڏجي تو وٽ ايندا، تہ منهنجي پاڪ مڪان کي سينگارين، آءٌ پنهنجيءَ قدمگاهہ کي جلالي ڪندس.


۽ انهيءَ ڏينهن چوڻ ۾ ايندو تہ ڏسو، هي اسان جو خدا آهي؛ اسان هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، ۽ هو اسان کي بچائيندو: هي خداوند آهي؛ اسين هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، اسين هن جي نجات ڪري خوش ۽ سرها ٿينداسين.


۽ جيسين هو موڪليا نہ وڃن، تيسين ڪيئن منادي ڪندا؟ جيئن لکيل آهي تہ، ”جيڪي چڱين ڳالهين جي خوشخبري ٿا آڻين، تن جا قدم ڪهڙا نہ مبارڪ آهن!“


ڇالاءِ جو زمين خداوند جي جلال جي ڄاڻپ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ٿو ڇڏي.


۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي ماڻهو انهي کي گڏ ڏسندا: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.


ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.


اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.


جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.


اڳتي وري توکي ڏينهن جي سوجهري لاءِ سج جي ضرورت ڪانہ پوندي، نڪي چنڊ روشنائيءَ لاءِ توتي چمڪندو: پر خداوند تو لاءِ هميشہ جي روشني ٿيندو، ۽ تنهنجو خدا تنهنجو جلال ٿيندو.


زمين ماتم ٿي ڪري ۽ غير آباد ٿي رهي، لبنان شرمندو آهي، ۽ سڪي ٿو وڃي، شارون رڻ پٽ وانگيان آهي؛ ۽ بسن ۽ ڪرمل پنهنجا پن ٿا ڇاڻين.


تنهنجو مٿو توتي ڪرمل وانگر آهي، ۽ تنهنجي مٿي جا وار واڱڻائي رنگ جهڙا آهن؛ انهن جي زلفن ۾ بادشاهہ قيد ٿيو پيو آهي.


هن جو جلال وارو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي؛ شل سارو جهان هن جي جلال سان ڀرپور ٿئي. آمين ۽ آمين.


ملڪ ۾ جبلن جي چوٽيءَ تائين ججهو اَنُ ٿيندو؛ جنهن جا سنگ لبنان جي وڻن وانگي پيا لڏندا: ۽ شهر جا ماڻهو زمين جي گاهہ وانگيان وڌندا ويجهندا.


صيون جو سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي.


پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.


۽ وري چوي ٿو تہ ”اي غير قومون، سندس اُمت سان گڏ خوشيون ڪريو.“


يسعياہ جو اهي ڳالهيون چيون ۽ سندس ذڪر ڪيو، سو هن ڪري جو هن سندس جلال ڏٺو.


۽ بني افرائيم پهلوانن وانگر ٿيندا، ۽ سندن دل اهڙي خوش ٿيندي، جهڙي شراب پيئڻ سان ٿيندي آهي: هائو، سندن اولاد بہ ڏسندو ۽ خوشي ڪندو؛ سندن دل خداوند ۾ خوش رهندي.


تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.


آءٌ بيابان ۾ ديودار ۽ ٻٻر جا وڻ، ۽ ميندي ۽ زيتون جا وڻ لڳائيندس؛ آءٌ رڻ پٽ ۾ صنوبر جا وڻ، ديال ۽ سڌا سرو گڏي لڳائيندس.


جيسين ڪ مٿان اسان تي روح نازل ٿئي، ۽ بيابان آباد ٻني ٿي پوي، ۽ آباد ٻني ٻيلي وانگر شمار ٿئي.


۽ هڪڙي ٻئي کي سڏي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، قدوس، قدوس، قدوس، آهي: ساري زمين هن جي جلال سان ڀرپور آهي.


آسمان هن جي سچائي ظاهر ٿا ڪن، ۽ سڀني قومن سندس جلال ڏٺو آهي.


اُتر ۽ ڏکڻ تو پيدا ڪيا آهن: تبور ۽ حرمون تنهنجي نالي ڪري خوش ٿا ٿين.


تڏهن ٻيلي جا سڀيئي وڻ خداوند جي حضور خوشيءَ سان ڳائيندا، ڇالاءِ جو هو دنيا جي عدالت ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.


۽ جيڪي لدہ ۽ شارون ۾ رهندا هئا، تن سڀني هن کي ڏٺو، ۽ خداوند ڏانهن ڦريا.


۽ صبح جو اوهين خداوند جو جلال ڏسندا، ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو، سي هن ٻڌيون آهن: اسين ڪير آهيون جن جي برخلاف اوهين ڪُر ڪُر ٿا ڪريو؟


۽ اهي جلعاد ۾، بسن منجهہ، ۽ انهيءَ جي شهرن ۾، ۽ شارون جي سڀني ٻهراڙيءَ وارن هنڌن منجهہ، سندن سرحدن تائين رهندا هئا.


آءٌ شارون جو گلاب آهيان، آءٌ وادين جو سوسن آهيان.


ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب پاڙ هڻندو؛ ۽ اسرائيل ٻور جهليندو، ۽ گل ڪندو: اهي ساري دنيا ميون سان ڀري ڇڏيندا.


خداوند جا خريد ڪيل موٽندا، ۽ ڳائيندا صيون ۾ ايندا: ۽ انهن جي مٿن تي هميشہ جي خوشي هوندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، ۽ غم ۽ ماتم ڪونہ رهندو.


اڙي تون جو صيون کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، مٿانهين جبل تي چڙهي وڃ؛ اڙي تون جو يروشلم کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، زور سان پنهنجو آواز بلند ڪر؛ اهو بلند ڪر، ڊڄ نہ، يهوداہ جي شهرن کي چئُہ تہ ڏسو اوهان جو خدا!


اوهين يروشلم سان خوشي ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي هن کي پيار ٿا ڪريو سي هن لاءِ خوش ٿيو:


۽ اوهين اهو ڏسندا ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، اوهان جا هڏا نازڪ گاهہ وانگي وڌندا: ۽ خداوند جو هٿ سندس بندن تي ظاهر ٿيندو، ۽ هو پنهنجن دشمنن تي ڏاڍو ڪاوڙبو.


آءٌ اسرائيل جي لاءِ ماڪ جهڙو ٿيندس: هو سوسن وانگر گل ڪندو، ۽ لبنان وانگر پنهنجون پاڙون هڻندو.


۽ الملڪ، ۽ عماد، ۽ مسال؛ ۽ اُها الهندي ڏانهن ڪرمل تائين، ۽ سيحور لبنات تائين وڃي پهتي؛


۽ مال، جو گوهر جي شارون ۾ چرندو هو، تن جي مٿان سطري شاروني هو: ۽ اُهو مال جو گوهر جي وادين ۾ هو تن جي مٿان سافط بن عدلي هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ