Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 34:7 - Sindhi Bible

7 ۽ انهن سان گڏ سانَ ۽ وهڙا، ۽ ڏاند بہ ذبح ٿيندا؛ ۽ انهن جي زمين رت پي مست ٿيندي، ۽ انهن جي مٽي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ادوم جا جھنگلي سانَهہ ماڻهن سان گڏ ماريا ويندا. بلڪ سندن طاقتور ڏاند پڻ ماريا ويندا. انهن جي ملڪ کي سندن رت سان ريج اچي ويندو، ۽ هنن جي چرٻي سندن ٻنين کي ڀري ڇڏيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 34:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي شينهن جي وات کان بچاءِ؛ بلڪ جڏهن آءٌ سانن جي سڱن تي هوس تڏهن تو مونکي بچايو.


تون سَرن ۾ رهندڙ جهنگلي جانورن کي ۽ سانن جي ٽوليءَ کي، ۽ اُمتن جي گابن کي ڌمڪايو، جي چانديءَ جي سڪن کي پائمال ٿا ڪن؛ جن قومن کي جنگ ڪرڻ ۾ خوشي ٿي ٿئي، تن کي هن ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي.


پر تو منهنجو سڱ سان جي سڱ وانگي مٿي ڪيو آهي: آءٌ تازي تيل سان مسح ٿيو آهيان.


۽ غصي ۾ مون قومن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ انهن کي مست ڪيم، ۽ انهن جو رت زمين تي وهائي ڇڏيم.


اي ڌنار، واويلا مچايو ۽ دانهن ڪريو؛ اي گلي جا سردار، اوهين خاڪ ۾ ليٽو؛ ڇالاءِ جو اوهان جي ڪوس جا ڏينهن اچي ڀريا آهن، ۽ آءٌ اوهان کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ اوهين هڪڙي نازڪ ٿانوَ وانگي ڪري پوندا.


منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


ڇالاءِ، جو اي منهنجي ورثي جي لٽڻ وارا، اوهين خوش آهيو، اوهين بري هلت ٿا ڪريو، ۽ انهي گابيءَ وانگي ٽپا ڏيو ٿا جا اَن لتاڙي ٿي، ۽ مضبوط گهوڙن وانگي هڻڪون ٿا؛


اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.


جنهن ملڪ جي پاڻيءَ ۾ تون ترندو آهين، تنهن کي جبلن تائين رت سان ريج ڏيندس؛ نهرون توسان ڀرجي وينديون.


اي آدمزاد، خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هر ڪنهن قسم جي پکين ۽ جهنگ جي سڀني جانورن کي چئُہ تہ اوهين گڏ ٿي اچو؛ اوهين انهي قربانيءَ لاءِ سڀ ڪنهن پاسي کان گڏ ٿيو جا آءٌ اوهان جي لاءِ قربان ٿو ڪريان، بلڪ اسرائيل جي جبلن تي وڏي قرباني ٿو ڪريان تہ اوهين گوشت کائو ۽ رت پيئو.


اوهين بهادرن جو گوشت کائيندا، زمين جي بادشاهن جو، ۽ گهٽن، گهيٽن، ٻڪرين ۽ ڍڳن جو رت پيئندا، جي سڀ بسن جا ٿلها پاليل هوندا.


خدا هنن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هنن ۾ ڄڻ جهنگلي سان جهڙو زور آهي.


خدا هن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هن ۾ ڄڻ تہ جهنگلي سان جهڙو زور آهي: جيڪي قومون هن جي برخلاف آهن، تن کي هو کائي کپائي ڇڏيندو، ۽ انهن جا هڏا ڀڃي ڀوري ڇڏيندو، ۽ پنهنجن تيرن سان انهن کي ماريندو.


هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ