Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 34:4 - Sindhi Bible

4 ۽ آسمان جو سارو لشڪر ڳري ويندو، ۽ آسمان ڪاغذ جي ويڙهيءَ وانگيان ويڙهجي ويندا: ۽ انهن جو سارو لشڪر ائين ڪومائجي ڪري پوندو جيئن ڊاک ۽ انجير جو پن ڪومائجي ڪري پوندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سج، چنڊ ۽ تارا ڀُري دز ٿي ويندا. آسمان ڪاغذ جي ويڙهوٽي وانگر ويڙهجي ويندو، ۽ ان مان ستارا ائين ڇڻي ڪرندا، جيئن انگورن جي ول ۽ انجير جي وڻ مان پن سڪي ڇڻي پوندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 34:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.


تنهن ڪري آءٌ آسمانن کي ڏڪائيندس، ۽ لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري، ۽ سندس خوفناڪ غضب جي ڏينهن ۾، زمين پنهنجي جاءِ تان لوڏي ڪڍندس.


اي ڏينهن جا تارا، اي صبح جا فرزند، تون ڪيئن آسمان مان ڪري پيو آهين!


اوهين پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو آسمان دونهين وانگي گم ٿي ويندا، ۽ زمين ڪپڙي وانگي پراڻي ٿي ويندي، ۽ جيڪي انهي تي رهن ٿا سي بہ ساڳيءَ طرح مري ويندا: پر منهنجي نجات سدائين رهندي، ۽ منهنجي راستبازي بند نہ ٿيندي.


زمين هنن جي اڳيان ڌٻي وڃي ٿي؛ آسمان ڏڪن ٿا: سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن، ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين:


سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين.


پر انهن ڏينهن جي مصيبت کانپوءِ هڪدم سج اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو، ۽ تارا آسمان مان ڪِري پوندا، ۽ آسمان جون طاقتون لُڏي وينديون.


آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن ڪين ٽرندو.


۽ اهي لفظ تہ ”هڪڙو ڀيرو اڃا بہ،“ ڏيکارين ٿا تہ جيڪي شيون لوڏجن ٿيون، سي پيدا ڪيلن شين وانگر گم ٿي وينديون، انهي لاءِ تہ جيڪي نٿيون لڏن سي قائم رهن.


۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.


۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛


۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ