Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 34:3 - Sindhi Bible

3 انهن جا ڪُٺل ٻاهر اُڇلايا ويندا، ۽ انهن جي لاشن مان ڪِني بانس نڪرندي، ۽ انهن جي رت سان جبل وهڻ لڳندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهن جا قتل ٿيل دفن نہ ٿيندا بلڪ ڦٽا ڪيا ويندا، سندن لاشن مان بدبوءِ نڪرندي. انهن جو رت جبلن تان وهي هلندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 34:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


۽ انهن سان گڏ سانَ ۽ وهڙا، ۽ ڏاند بہ ذبح ٿيندا؛ ۽ انهن جي زمين رت پي مست ٿيندي، ۽ انهن جي مٽي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪئي ويندي.


۽ اهي ٻاهر نڪري انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا جن منهنجو گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهن جو ڪينئون نہ مرندو، ۽ نڪي انهن جي باهہ وسامندي؛ ۽ اُهي سڀني ماڻهن اڳيان ڪراهت جهڙي شيءِ ٿيندا.


هو گڏهہ وانگي دفن ڪيو ويندو ۽ يروشلم جي دروازن مان گهلي اُڇلايو ويندو.


۽ انهي ڏينهن خداوند جا ڪُٺل زمين جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين هوندا: انهن تي ڪوبہ ماتم ڪونہ ڪندو ۽ نہ انهن کي گڏ ڪري دفن ڪندا: اُهي زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا هوندا.


يا جي آءٌ انهي ملڪ ۾ مري موڪليان، ۽ انهي تي پنهنجي ڪاوڙ خونريزيءَ ۾ اوتي وجهان، انهي لاءِ تہ انهي مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان:


۽ آءٌ توکي زمين تي ڇڏيندس، ۽ توکي کليل ميدان تي اُڇلائي ڦٽو ڪندس، ۽ هوا جي سڀني پکين کي توتي ويهاريندس، ۽ ڪل زمين جي جانورن کي تو مان ڍءُ ڪرائيندس.


تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي خون جي لاءِ تيار ڪندس، ۽ خون تنهنجي پٺيان پوندو؛ تو خون کان نفرت نہ ڪئي آهي، تنهنڪري خون تنهنجي پٺيان پوندو.


۽ آءٌ مري ۽ خونريزيءَ سان هن کي سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هن تي قهر جو مينهن وسائيندس، ۽ هن جي ٽولين تي، ۽ جيڪي گهڻيون قومون ساڻس هيون تن تي سخت وسڪارا، ۽ وڏا ڳڙا، ۽ باهہ، ۽ گندڪ وسائيندس.


اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ جوج کي اسرائيل ۾ دفن ٿيڻ لاءِ جاءِ ڏيندس، يعني لنگهندڙ جي وادي جا سمنڊ جي اُڀرندي پاسي آهي: ۽ اُتان لنگهي ويندڙن جو رستو بند ٿيندو: ۽ اُتي هو جوج ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي دفن ڪندا: ۽ انهي جو نالو هامون جوج جي وادي رکندا.


تون اسرائيل جي جبلن تي ڪِرندين، تون ۽ تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ جيڪي قومون توسان آهن: آءٌ توکي هر قسم جي ڳجهن، ۽ جهنگ جي جانورن جي حوالي ڪندس تہ توکي ڳڙڪائي ڇڏين.


پر آءٌ اُنهيءَ اُتر واري لشڪر کي اوهان کان پري ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هن کي هڪڙي ويران ۽ غير آباد زمين ۾ هڪالي ڪڍندس: هن جو اڳ وارو ڀاڱو اُڀرندي واري سمنڊ ۾ هوندو، ۽ هن جو پٺ وارو ڀاڱو اُلهندي واري سمنڊ ۾؛ ۽ هن جي ڌپ چڙهندي ۽ هن جي بدبوءِ اُٿندي، ڇالاءِ جو هن وڏي گستاخي ڪئي آهي.


مون اوهان ۾ مري موڪلي آهي، جيئن ڪ مصر ۾ موڪلي هيم: اوهان جي جوانن کي مون ترار سان قتل ڪيو آهي ۽ اوهان جا گهوڙا قيد ڪرايا اٿم؛ ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ جي بدبوءِ اوهانجين ناسن تائين آندي اٿم: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


گهوڙي سوار، چمڪندڙ ترار ۽ تجلو ڪندڙ نيزي سان حملو ٿو ڪري؛ ۽ بيشمار ماريل ۽ مڙهن جو ڍير ۽ لاشن جي پڄاڻي ئي ڪانهي: هو مڙهن تي پيا آٿڙن.


۽ شهر جي ٻاهران انهي چيچڙي ۾ ڊاک پيڙي ويئي، ۽ چيچڙي مان ايترو تہ رت نڪتو جو گهوڙن جي لغامن تائين اچي پهتو ۽ سؤ ڪوهن تائين وهي هليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ