Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 33:4 - Sindhi Bible

4 اوهان جي لٽ جو مال ائين گڏ ڪيو ويندو، جيئن سوٻٽ گڏ ڪندا آهن: هو انهي تي ائين ٽپندا جيئن مڪڙ ٽپندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ اسين مٿن حملو ڪري کين ائين لٽيون ڦريون ٿا، جيئن ماڪڙ جا ڪٽڪ فصل کائي چٽ ڪريو ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 33:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آسا ۽ جيڪي ساڻس ماڻهو هئا، سي هنن جي پٺيان جرار تائين ويا: ۽ حبشين مان ايترا ماڻهو مئا جو هو وري پاڻ سنڀالي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي اڳيان ۽ سندس لشڪر جي اڳيان ناس ٿي ويا؛ ۽ هنن تمام گهڻو لٽ جو مال هٿ ڪيو.


۽ جڏهن يهوسفط ۽ سندس ماڻهو انهن جو لٽ جو مال کڻڻ آيا، تڏهن انهن ۾ بي انداز دولت ۽ ڪپڙا ۽ قيمتي جواهر ڏٺائون، جي هنن پنهنجي لاءِ لاهي هٿ ڪيا، ۽ اهي هنن جي کڻڻ کان وڌيڪ هئا: ۽ لٽ جو مال ايترو تہ گهڻو هو جو ٽي ڏينهن هنن پئي کنيو.


تنهنجون رسيون ڍريون ٿي ويون آهن؛ اهي پنهنجي کوهي جي پاڙ مضبوط ڪري نہ سگهيا، اهي پنهنجو سڙهہ چاڙهي نہ سگهيا: تڏهن وڏيءَ لٽ جو مال ورهايو ويو؛ منڊن کي لٽ جو مال مليو.


هنگامي جي گوڙ تي ماڻهو ڀڄي ويا آهن؛ ۽ تنهنجي اُٿڻ تي قومون پکڙجي ويون آهن.


خداوند سرفراز آهي؛ ڇالاءِ جو هو بلنديءَ تي ٿو رهي: هن صيون کي انصاف ۽ راستبازيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي.


تنهنڪري ڏس مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريو آهي، ۽ توکي لٽجڻ جي لاءِ قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ قومن مان توکي وڍي ڇڏيندس، ۽ توکي ملڪن کان ٻاهر ماري چٽ ڪري ڇڏيندس: آءٌ توکي ناس ڪندس؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.


تہ جيڪي تڏين بچايو آهي سو مڪڙن کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي مڪڙن ڇڏيو آهي سو سُري کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي سُري ڇڏيو آهي سو سوٻٽن کاڌو آهي.


۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.


هنن جي اڳيان باهہ کائيندي ٿي وڃي، ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو مچ پيو ٻري: زمين هنن جي اڳيان عدن جي باغ جهڙي آهي ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو ويران بيابان آهي؛ هائو، ۽ ڪوبہ هنن کان ڀڄي نہ ڇُٽو آهي.


هو شهر تي ٽپي اچن ٿا؛ هو ڀت تي ڊوڙن ٿا؛ هو مٿان چڙهي گهرن منجهہ اچن ٿا؛ هو چور وانگي يردن مان لنگهي اچن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ