3 هنگامي جي گوڙ تي ماڻهو ڀڄي ويا آهن؛ ۽ تنهنجي اُٿڻ تي قومون پکڙجي ويون آهن.
3 جڏهن تون گجڪار ٿو ڪرين، ۽ پنهنجو جلال ٿو ڏيکارين، تڏهن غير قومن ۾ ڀاڄ پئجي ٿي وڃي.
قومون ڪاوڙيون، بادشاهتن کي لوڏو اچي ويو: اڃا هن پنهنجو آواز ڪڍيو تہ زمين ڳري ويئي.
انهن کي قتل نہ ڪر، متان منهنجا ماڻهو وساري ڇڏين: اي خداوند اسان جي سپر پنهنجي قدرت سان انهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڪيرائي ڇڏ.
جيئن دونهون اُڏاميو وڃي تيئن انهن کي اُڏائي ڇڏ: جيئن ميڻ باهہ تي پگهريو وڃي، تيئن بدڪار خدا جي سامهون فنا ٿي وڃن.
ڇالاءِ جو هو ترارين کان، اُگهاڙين ترارين کان، ۽ موڙيل ڪمان کان، ۽ جنگ جي سختيءَ کان اُٿي ڀڳا هئا.
اوهان جي لٽ جو مال ائين گڏ ڪيو ويندو، جيئن سوٻٽ گڏ ڪندا آهن: هو انهي تي ائين ٽپندا جيئن مڪڙ ٽپندا آهن.
تنهن ڪري تون انهن سڀني جي برخلاف هنن ڳالهين جي نبوت ڪر، ۽ انهن کي چئُہ تہ خداوند مٿان گجندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو؛ هو پنهنجي چراگاهہ جي برخلاف زور سان گجندو؛ هو زمين جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو جهڙي ڊاک لتاڙڻ وارا ڪندا آهن.
بلڪ زمين جي ڪناري تائين هڪل ايندي؛ ڇالاءِ جو خداوند کي قومن سان جهيڙو ڪرڻو آهي، ۽ هو سڀني انسانن سان حجت دليل ڪندو؛ باقي شريرن جي نسبت ۾ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن کي ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس.