Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 33:1 - Sindhi Bible

1 افسوس آهي توتي جو لٽين ٿو، ۽ پاڻ لٽيو نہ وئين؛ ۽ ٺڳي ٿو ڪرين، پر هنن تو سان ٺڳي نہ ڪئي! جڏهن تون ڦرلٽ ڪري بس ڪندين تڏهن تون لٽبين؛ جڏهن تون ٺڳي ڪري بس ڪندين، تڏهن اهي تو سان ٺڳي ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 33:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند هنن جي طرفان حجت دليل ڪندو، ۽ انهن جي حياتي ڦري وٺندو جي هنن جي ڦرين ٿا.


تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.


آءٌ پنهنجي ملڪ ۾ اسورين کي شڪست ڏيندس، ۽ پنهنجن جبلن تي انهيءَ کي پيرن هيٺ لتاڙيندس: تڏهن انهيءَ جي پاڃاري هنن تان لهندي، ۽ هن جو بار هنن جي ڪنڌ تان لهندو.


شام جي وقت خوف آهي ۽ صبح کان اڳي اهي نابود ٿي ويندا. اهو انهن جو حصو آهي جي اسان کي لٽين ٿا، ۽ انهن جو جي اسان کي ڦرين ٿا.


هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن


زمين جي تمام پرانهين ڀاڱي کان اسان راڳ ٻڌا آهن، سچي جي لاءِ وڏائي آهي. پر مون چيو تہ آءٌ ڳرندو وڃان، آءٌ ڳرندو وڃان، افسوس آهي منهنجي حال تي! دغابازي ڪندڙن دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، هائو، دغابازي ڪندڙن تمام دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.


تڏهن اسوري انهيءَ ترار سان ڪِرندا جا انسان جي نہ آهي؛ ۽ اُها ترار جا انسان جي نہ آهي سا هن کي کائي ويندي؛ هو ترار کان ڀڄندو، ۽ هن جا ماڻهو ڍل ڀرو ٿيندا.


هائو، تو نہ ٻڌو؛ هائو تو نہ ڄاتو؛ هائو، قديم وقت کان تنهنجا ڪن کليل نہ هئا: ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تنهنجي هلت تمام دغابازيءَ جي آهي، ۽ ماءُ جي پيٽان تون گنهگار ٿو سڏجين.


جنهنڪري هنن کي جهنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻ جي ضرورت نہ پوندي، ۽ نہ ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو؛ ڇالاءِ جو هو هٿيارن سان باهيون ٻاريندا: ۽ جن کين ٿي لٽيو، تن کي هو لٽيندا، ۽ جن کين ٿي ڦريو تن کي ڦريندا؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


ڏس، انهيءَ وقت آءٌ انهن کي سزا ڏيندس، جي توکي ستائين ٿا: ۽ جيڪا منڊڪائي ٿي تنهن کي بچائيندس؛ ۽ جيڪا هڪالي ڪڍي ويئي هئي، تنهن کي گڏ ڪندس؛ ۽ جن جي سڄي دنيا ۾ خواري هئي، تن کي تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.


ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.


جيڪڏهن ڪو قيد لاءِ آهي تہ اُهو قيد ۾ ويندو. جيڪڏهن ڪو ترار سان قتل ڪندو، تہ اهو ترار سان قتل ڪيو ويندو. پاڪ ٿيلن جو صبر ۽ ايمان اهو آهي.


ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.


ڇالاءِ جو خدا هنن جي دل ۾ وجهندو تہ هو سندس مرضيءَ تي هلن، ۽ هڪڙيءَ راءِ تي اچي بيهن، ۽ پنهنجي پنهنجي بادشاهت انهي جانور کي ڏين، جيسين ڪ خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


تڏهن ادوني بزق چيو تہ ستر بادشاهہ هٿن پيرن جي آڱوٺن وڍيل، منهنجي دسترخاني هيٺ مانيءَ جا ڀور گڏ ڪري کائيندا هئا. جيئن مون ڪيو، تيئن خدا بہ مون کي بدلو ڏنو. پوءِ کيس يروشلم ۾ وٺي ويا، ۽ هو اُتي مري ويو.


۽ خدا ابيملڪ ۽ سڪم جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪڙو خراب روح موڪليو؛ ۽ سڪم جي ماڻهن ابيملڪ سان دغا ڪئي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ