8 پر سخي سخاوت جون رٿون ٿو رٿي؛ ۽ هو سخاوت جا ڪم ڪندو رهندو.
8 پر نيڪ ماڻهو نيڪيءَ وارا منصوبا ٿا جوڙين. بيشڪ اهي پنهنجي انهن نيڪ منصوبن تي قائم رهندا.
ڇالاءِ جو اسان کي ضرور مرڻو آهي، ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ جهڙا آهيون جو زمين تي هاريو ويو هجي، ۽ وري گڏ ٿي نہ سگهي؛ خدا ماري نہ ٿو، پر اهڙا اُپاءَ ٿو ڪري تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.
هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو.
تڏهن پطرس اُٿي ساڻن هليو. ۽ جڏهن هو اُتي اچي پهتو، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي وٺي آيس، ۽ سڀ بيوهون روئنديون وٽس اچي بيٺيون؛ ۽ جيڪي ڪُرتا ۽ ڪپڙا هن سندن لاءِ جوڙيا هئا، سي ڏيکارڻ لڳيس.
تہ ڪهڙيءَ طرح مصيبت جي وڏيءَ آزمائش ۾ انهن جي خوشي وڌي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ غريبيءَ جي ڪري سندين سخاوت جي دولت تمام گهڻي ٿي ويئي.