Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 32:7 - Sindhi Bible

7 اناڙيءَ جا هٿيار بہ بڇڙا آهن: هو بڇڙائيءَ جون رٿون ٿو رٿي، تہ جڏهن محتاج سچ ڳالهائي، تڏهن بہ ڪوڙين ڳالهين سان کيس برباد ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن تہ دوکيباز ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين، تان‌تہ حق جون ڳالهيون ڪندڙ مسڪينن ۽ محتاجن کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان برباد ڪري ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 32:7
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدڪار مون کي برباد ڪرڻ جي انتظار ۾ آهن؛ پر آءٌ تنهنجن شاهدين تي غور ڪندو رهندس.


تنهنجا امير فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن، سڀڪو رشوتن جو خواهان آهي، ۽ انعامن جي پٺيان پوي ٿو: هو يتيمن جو انصاف نٿا ڪن، نڪي بيوہ زال جو فرياد وٽن اچي ٿو.


پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.


ڀلي تہ شرير سان مروت ڪرڻ ۾ اچي، انهي هوندي بہ هو سچائي نہ سکندو؛ سچائيءَ جي ملڪ ۾ هو برائي جي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي عظمت تي نظر نہ ڪندو.


جيڪي ماڻهوءَ کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا ٺهرائين، ۽ جيڪو دروازي تي بيهي ملامت ٿو ڪري تنهن لاءِ ڦندو ٿا وجهن: ۽ سچار کي معمولي شيءِ سان ڦيرايو ڇڏين.


جي شريرن کي انعام جو حقدار ٿا ڄاڻن ۽ سچي کان سچائي کسيو ٿا وٺن!


شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.


هائو، سچائي گم ٿي وئي آهي؛ جيڪو بديءَ کان پري ٿو ڀڄي سو پاڻ کي شڪار ٿو بنائي: ۽ خداوند اهو ڏٺو تہ عدالت آهي ئي ڪانہ، ۽ هن کي رنج ٿيو.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


گهڻا پاڻ کي پاڪ ڪندا، ۽ پاڻ کي صاف ڪندا، ۽ سڌريل ٿيندا؛ پر شرير شرارت جا ڪم ڪندا؛ ۽ شريرن مان ڪوبہ نہ سمجهندو: پر جيڪي ڏاها هوندا، سي ئي سمجهندا.


ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


۽ انهن پاڻ ۾ گڏجي اها صلاح ڪئي تہ يسوع کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ