افسوس انهن تي جي بڇڙائيءَ کي چڱائيءَ ۽ چڱائي کي بڇڙائي ٿا سڏين؛ جي روشنائيءَ جي بدران اونداهي ۽ اونداهيءَ جي بدران روشنائي ٿا ڪن؛ جي مٺي جي بدران ڪَڙو، ۽ ڪَڙي جي بدران مٺو ٿا رکن!
آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ منهنجو ڌڻي هن خبيث، يعني نابال ڏي خيال نہ ڏئي: ڇالاءِ جو جهڙو سندس نالو آهي، تهڙو پاڻ آهي، هن جو نالو نابال آهي، ۽ بي عقلي هن سان آهي: پر مون تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ جا جوان ماڻهو نہ ڏٺا، جن کي تو موڪليو هو،